اسرائيل جا ٻئي ڏينهن به ايران تي حملا، جنرلن ۽ 3 ايٽمي سائنسدانن سميت 65 ڄڻا شهيد

تهران / تل ابيب (م ڊ) ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي. ايران طرفان جوابي حملي ۾ گذريل رات کان هينئر تائين اٽڪل 200 بليسٽڪ ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اسرائيلي حڪومت فوج کي ڪارروائي لاءِ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو، نتيجي طور اسرائيل جي تازي حملي ۾ وڌيڪ 2 ايراني جنرل، 3 جوهري سائنسدان ۽ 20 ٻارن سميت 65 شهري شهيد ٿي ويا آهن. شهيد ٿيندڙن ۾ علي بخوئي ڪريمي، منصور اصغري ۽ سعيد برجي شامل آهن. انهن ٽنهي جي شهادت کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني ايٽمي سائنسدانن جو مجموعي انگ نَوَ ٿي ويو آهي. جڏهن ته انٽيليجنس جي سربراهه جنرل غلام رضا محرابي ۽ ڊپٽي چيف ملٽري آپريشنز جنرل مهدي رباني جي شهادت جي به تصديق ڪئي وئي آهي.  اسرائيل هن ڀيري پنهنجن حملن جو دائرو رهائشي علائقن تائين وڌائي ڇڏيو. اولهه تبريز ۾ ريفائنري جي ويجهو بمباري سان گڏ، تهران جي هڪ رهائشي ڪمپليڪس تي به فضائي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ٻارن سميت 65 ماڻهو شهيد ٿي ويا. ايران هن قدم کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. ايران طرفان اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. آپريشن ”وعده صادق سوم“ جي تحت هيل تائين ٽي سؤ کان وڌيڪ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. ايراني ميزائل حملن ۾ تل ابيب ۾ موجود اسرائيلي ايٽمي ريسرچ سينٽر سميت ڪيترين ئي فوجي ۽ صنعتي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي. انهن حملن ۾ هن وقت تائين چار اسرائيلي مارجي چڪا آهن ۽ نوَ   زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. تهران جو چوڻ آهي ته اسرائيل عالمي برادري جي منهن تي چماٽ هڻي رهيو آهي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي. ايران اسلامي ملڪن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي اسرائيل جي جارحيت خلاف عملي ۽ اثرائتا قدم کڻن.ايران جي تيل واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل ڏکڻ صوبي بوشهر ۾ گئس جي ٻن وڏين فيلڊن تي حملو ڪيو آهي. ايراني ميڊيا شاهدن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڏکڻ پارس گئس فيلڊ کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو. ايراني ميڊيا مطابق، صوبي بوشهر ۾ ئي هڪ ٻي گئس ڪمپني ’فجر جام گئس ريفائنري‘ تي به حملو ڪيو ويو آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو اسان اسرائيل طرفان ايران جي گئس فيلڊن تي حملن جي رپورٽون ڏسي رهيا آهيون. بي بي سي جي "ويريفائي” ٽيم هن علائقي مان فوٽيج جي تصديق ڪري رهي آهي. جوهري توانائي ۽ يورينيم جي افزودگي بابت عالمي نگران اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جمعي ڏينهن اسرائيلي حملن جو نشانو بڻجندڙ ايران جي شهر اصفهان ۾ موجود جوهري سائيٽ بابت اپڊيٽ جاري ڪئي آهي.  ايٽمي توانائي ايجنسي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ لکيو آهي ته اصفهان واري جوهري سائيٽ تي چار اهم عمارتن کي نقصان رسيو آهي. ياد رهي ته اصفهان ۾ ايران جون ڪيترائي ايٽمي تنصيبات واقع آهن، جن بابت ايران جو موقف آهي ته اهي پرامن مقصدن لاءِ آهن، جڏهن ته اسرائيل ۽ مغربي طاقتون ڪافي عرصي کان ايران تي ڳجهي نموني جوهري هٿيار تيار ڪرڻ جو الزام لڳائينديون رهيون آهن. هوڏانهن ايران اسرائيل خلاف وڏي فضائي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. ايراني عملدارن مطابق، فضائي دفاعي نظام هڪ ٻي ايف-35 جنگي جهاز کي ماريو آهي، جنهن بعد ايران هٿان ڪِرندڙ اسرائيلي جهازن جو انگ ٽي ٿي ويو آهي۔ جهاز جو پائلٽ به گرفتار ڪيو ويو آهي. ايران چيو آهي ته سندس فضائي دفاعي فورس هڪ ٻي اسرائيلي ايف-35 جنگي جهاز کي ڪاميابيءَ سان تباهه ڪيو آهي۔ ايراني ميڊيا مطابق، هيءَ ڪارروائي ملڪ جي اولهه فضائي حدن ۾ ڪئي وئي. ايراني نيوز ايجنسي موجب، ايراني فوج جي لاڳاپن واري شعبي تصديق ڪئي آهي ته فضائي دفاعي فورس جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي اسرائيلي جهاز کي نشانو بڻايو، ۽ جهاز جو پائلٽ به زنده گرفتار ڪيو ويو آهي۔ عملدارن مطابق، گرفتار پائلٽ کي ايراني فوج جي اسپيشل ڪمانڊوز تحويل ۾ ورتو آهي۔ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾، هي واقعو عسڪري توازن تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿو، خاص طور تي ان وقت، جڏهن ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف لڳاتار حملن ۽ جوابي ڪارروائين ۾ رڌل آهن۔ اسرائيل رات دير سان وري حملا شروع ڪري ڏنا، تبريز ۾ رفائنري، صفهان ۾ ايٽمي مرڪزن کي نقصان، گئس فيلڊن تي حملا ڪري ڏنا. بندرعباس تي به حملو ڪيو ويو. اسرائيل پاران هڪ ميزائل فيڪٽري کي نشانو بڻائڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.