جنيوا (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايران تي اسرائيل جي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ڌرين تي زورڏنو ته اهي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ خطي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ڏانهن نه ڌڪين. انتونيو گوتريس چيو ته ايران ۽ اسرائيل کي تڪرار وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي صورتحال پيدا نه ڪرڻ گهرجي جنهن کي خطو سهي نه سگهي. هن چيو ته وچ اوڀر جون حالتون اڳ ئي نازڪ آهن، وڌيڪ ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.