اسرائيل خطي کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش پيو ڪري: ترڪ صدر

انقرا (م ڊ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان خبردار ڪيو ته اسرائيل ايران تي حملن کانپوءِ خطي کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو اسرائيل کي روڪي. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرائيلي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪي عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي نشانو بڻائين ٿا. ترڪ صدر چيو ته اسرائيل جي حڪمت عملي ايران تي حملي جي لهر سان خطي، خاص طور تي غزا ۾ رتوڇاڻ جي انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ کڻي وڃي ٿي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ايران تي اسرائيلي حملو چڙ ڏياريندڙ آهي، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.