اسرائيل جا ايران تي حملا، آرمي چيف ۽ ايٽمي سائنسدانن سميت 78 ڄڻا شهيد

تهران/تل ابيب (م ڊ) اسرائيل جمعي ڏينهن صبح سوير ايران ۾ ”جوهري ۽ فوجي ٿاڪن“ کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ايران جي اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ايٽمي سائنسدانن جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي.ايراني سرڪاري ذريعن موجب، اسرائيلي حملي ۾ ايراني فوج جو سربراهه جنرل محمد باقري، پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر ان چيف حسين سلامي ۽ ايران جا ڇهه اهم ايٽميسائنسدان شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيلي فوج حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران خلاف ڪارروائي ” آپريشن رائزنگ لائنز“ نالي سان ڪئي وئي آهي. 4 اعليٰ فوجي آفيسر ۽ 6 جوهري سائنسدان به شهيد ٿي ويا. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن حملن ۾ ايران جي جوهري ۽ عسڪري مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته ايران جي ميڊيا مطابق حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 5 عام شهري شهيد ۽ 50 زخمي ٿيا آهن. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي خبردار ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت ايران تي رات جو ٿيل حملن سان پنهنجي تڪليف ڏيندڙ ۽ تلخ تقدير لکي ڇڏي آهي. ايران جي آرمي چيف، پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه ۽ 6 سائنسدانن جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي.  قم جي جمڪراني مسجد تي انتقام جي علامت طور ڳاڙهو جهنڊو لڳايو ويو. رائٽرز مطابق، اسرائيل جو چوڻ آهي ته هن جمعي تي ايران جي ايٽمي ٿاڪن، بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۽ فوجي ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو ۽ هي آپريشن طويل عرصي تائين جاري رهندو، جنهن جو مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي. ايراني ميڊيا مطابق ڌماڪا نطنز ۽ ٻين هنڌن تي ٿيا، جڏهن ته اسرائيل کي ايران جي جوابي ميزائل يا ڊرون حملن جو خدشو آهي، جنهن سبب هنگامي حالت جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ ميجر جنرل محمد باقري (مسلح افواج جو سربراهه) ميجر جنرل حسين سلامي (پاسداران انقلاب جو سربراهه)محمد مهدي طهرانچي (اسلامي آزاد يونيورسٽي جو صدر، جوهري سائنسدان) فريدون عباسي (ايراني ايٽمي توانائي تنظيم جو اڳوڻو سربراهه) ميجر جنرل غلام علي راشد (خاتم‌الانبيا هيڊڪوارٽرز جو ڪمانڊر) بريگيڊيئر جنرل عامر علي حاجي زاده (ايئرو اسپيس فورس جو ڪمانڊر) فرانسيسي ايجنسي AFP ۽ مهر نيوز مطابق شهيد ٿيل ٻين سائنسدانن ۾ عبدالحميد منوچهر، احمدرضا ذو الفقاري، اميرحسين فقيهي، مطلب ليزاده شامل آهن. آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته: "صهيوني حڪومت هڪ ڏوهه ڪيو آهي، ان جو سخت ۽ فيصلاڪن جواب ڏنو ويندو۔ايراني فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ابو الفضل شيڪرچي چيو آهي ته: "اسان جي سرزمين تي اسرائيلي حملن جو ردعمل انتهائي ڳرو هوندو، ۽ آمريڪا ان جي حمايت جي ڪري ذميوار آهي۔”  ٻئي پاسي ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ”اسرائيل پنهنجي لاءِ هڪ تلخ قسمت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن جا ان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل، ايران تي رات جي وقت ٿيل حملن سان، پنهنجي ئي لاءِ هڪ تلخ ۽ ڏکوئيندڙ تقدير لکڻ شروع ڪئي آهي. ذريعن موجب حملن ۾ 20 سينيئر ڪمانڊر شهيد ٿيا آهن. جڏهن ته حملن ۾ 78 شهري شهيد ٿيا آهن ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ايران به رات دير سان حملو ڪري ڏنو.عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي اسرائيل تي تازي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي نتيجي ۾ گاديءَ جو هنڌ تل ابيب ۾ دفاع واري وزارت جي ويجهو باهه لڳي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران جا ميزائل اسرائيل جي مرڪزي علائقي ۾ ستن هنڌن تي ڪريا.اسرائيلي فوج پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل ڏانهن ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته فضائي دفاعي نظام ميزائلن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. فوج پاران اسرائيلي شهرين کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو ايندڙ حڪم تائين محفوظ هنڌن تي ترسن. تل ابيب ۾ سائرن وڄايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.