پگهارن ۾ 12 ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ، ساڍا 4 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان\سنڌ بجيٽ

ڪراچي (رپورٽون: ناصر خٽڪ/ خداڏنوشاھ/ ذوالفقار راڄپر/ آزاد لال حسين) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2025-26 لاءِ 34 کرب 51 ارب رپين جي ماليت واري صوبائي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته 38 ارب 45 ڪروڙ رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو، وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران نئين مالي سال ۾ 4400 نوان استاد ۽ عملو ڀرتي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو، وڏي وزير عوام جي معاشي بار کي گهٽائڻ لاءِ پنج ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته موٽر وهيڪل ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي ۽ سيلز ٽيڪس کي آسان بنائڻ لاءِ نئون ”نيگيٽو لسٽ سسٽم“ لاڳو ڪيو ويندو، وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران اعلان ڪيو ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 12 سيڪڙو، جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 8 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايوان ۾ بجيٽ پيش ڪئي جنهن دوران اپوزيشن جو شديد هل هنگامو رهيو، اپوزيشن جي گوڙ ۾ مراد علي شاھ ڪنن تي ايئر فون لڳائي بجيٽ تقرير جاري رکي، بجيٽ تقرير ۾ مراد علي شاھه اعلان ڪيو ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ گرڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اسين نئون فنانس بل آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪجهه ٽيڪسن ليويز ۽ سيس کي گهٽايو يا ختم ڪيو ويندو وڌايو نه ويندو،  بجيٽ ۾ تعليم، صحت،  بنيادي ڍانچي ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن لاءِ فنڊز ۾  واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گورننس کي جديد دور جي تقاضائن موجب بهتر بڻائڻ ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمتِ عملي تي ٻڌل قدم شامل ڪيا ويا آهن، مالياتي سال 2025-26 لاءِ صوبائي آمدني جو امڪان 3411.5 ارب رپيا آهي، جيڪا هلندڙ سال جي ڀيٽ 11.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي، وفاقي ٽيڪسن مان حصو فيڊرل ڊيويزيبل پول جيڪو صوبائي ڪل آمدني جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آهي، مالي سال 2025-26 لاءِ 1927.3 ارب رپيا متوقع آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ موجوده مالي سال جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن ۾ 5.5 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي آهي،  اضافي وفاقي منتقلي ۾ سڌي منتقلي Straight Transfers ۽ OZT جي خاتمي سان پيدا ٿيل نقصانن جي تلافي لاءِ ڏنل گرانٽون شامل آهن جن ۾ پڻ واڌ جي اميد آهي جنهن سان وفاقي منتقلي جو ڪل انگ 2095.6 ارب رپين تائين پهچي ويندو،  موجوده روينيو خرچ CRE مالي سال 2025-26 لاءِ 2149.4 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال 2024-25 جي 1912.36 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، هن واڌ جي اهم سببن ۾ مهانگائي جو دٻاءُ، غير مالي ادارن جيئن ته اسپتالن ۽ يونيورسٽين کي ڏني ويندڙ گرانٽس ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن لاءِ رليف الائونس ۽ پينشن جي ادائيگين ۾ واڌ شامل آهن،  ٽوٽل خرچن ۾ 12.9 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي جيڪي وڌي 3450 ارب رپين تائين پهچي ويندا،  موجوده روينيو خرچ 12.4 سيڪڙو واڌ سان 2150 ارب رپيا ٿيندا، جنهن جا اهم سبب پگهارن ۽ پينشن ۾ 6 سيڪڙو واڌ،  مڪاني ادارن کي ڏني ويندڙ گرانٽن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ۽ مختلف اهم شعبن ۾ نمايان واڌ آهي جنهن ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ 189.75 ارب رپيا ، 15.7 سيڪڙو واڌ،  صحت جو شعبي 336.46 ارب رپيا ، 11.3 سيڪڙو واڌ ۽ تعليم جو شعبي، 518.05 ارب رپيا 18 سيڪڙو واڌ شامل آهن،  ان کان سوا حڪومت غربت جي خاتمي ۽ معاشي مضبوطي  لاءِ غريب دوست سماجي تحفظ ۽ معاشي پائيداري جي قدمن تحت 20 ارب رپيا رکيا آهن، جيڪي شموليتي ترقي لاءِ حڪومت جي سنجيدگي جو ثبوت آهن،  شفافيت ۽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليمي فنڊ سڌو سنئون اسڪولن تائين منتقل ڪيا ويندا، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ ناڻي کاتي جي هدايتن تي مختلف سرڪاري ۽ غير مالي ادارن کي ڏني ويندڙ امدادي گرانٽس Grants-in-Aid لاءِ مجموعي طور 702 ارب رپيا رکيا ويا آهن، تعليم کاتي لاءِ 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 458.2 ارب رپين جي ڀيٽ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، هي رقم موجوده روينيو خرچ جو 25.3 سيڪڙو آهي،  صحت کاتي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 302.2 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهن، انهن مان 146.9 ارب رپيا گرانٽس ان ايڊ جي صورت ۾ مختلف صحت جي ادارن ۽ يونٽن کي ڏنا ويندا، مالي وسيلن جي امڪاني کوٽ سبب ADP ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ ان جو حجم 520 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ان ۾ 475 نيون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ هيٺين علائقن جي بحالي، بجلي، پوئتي پيل ضلعن جي ترقي،  صاف پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي جون سهولتون اوليت تي رکيل آهن،  اهم شعبن لاءِ رکيل رقم لاءِ  تعليم لاءِ 99.6 ارب رپيا، صحت لاءِ 45.37 ارب رپيا،  آبپاشي لاءِ 73.9 ارب رپيا ۽  مڪاني کاتي لاءِ 132 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ڪراچي ۾ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ وڏا منصوبا شامل، وڌيڪ 100 بسون هلنديون

ڪراچي: سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي انفرااسٽرڪچر جي بهتري وارا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ رستن جي مرمت،  نيڪال ۽ پاڻي جي فراهمي جي نظام جي بهتري شامل آهي جيڪي مختلف ضلعن ۾ لاڳو ڪيا ويندا،  ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي دائري کي وڌايو پيو وڃي جتي پاڪستان جون پهريون 50 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ آگسٽ 2025 تائين وڌيڪ 100 بسون شامل ڪيون وينديون، شهر ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ BRT منصوبن ۾ به ترقي جاري آهي،  ييلو لائين مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ريڊ لائين 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪراچي سيف سٽي منصوبي ۾ تيزي سان ترقي جاري آهي جتي مصنوعي ذهانت AI سان جُڙيل سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا پيا وڃن ۽ نگراني جي دائري کي وڌايو پيو وڃي، اهم ترقياتي منصوبن ۾ ڪورنگي ڪاز وي برج جي تعمير ۽ شاهراه ڀٽو جي بهتري به شامل آهي،  نون ADP قدمن تحت تاريخي ورثي جي بحالي،  ڪاروباري علائقن جي بهتري ۽ اهم رستن جي تعمير کي به نشانو بڻايو ويو آهي،  هڪ مرڪزي ڪي پرفارمنس انڊيڪيٽر KPI مانيٽرنگ ڊيش بورڊ جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو منصوبن جي نگراني کي ريئل ٽائيم ۾ ممڪن بڻائيندو.

عوام اسان کي ڊيسڪون وڄائڻ لاءِ ناھي موڪليو: علي خورشيدي

ڪراچي: اپوزيشن ليڊر ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي اسيمبلي ٻاھريان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده وڏي وزير جو شهري علائقن سان ڪو واسطو ناهي، سنڌ جي ٻهراڙي وارن نمائندن لاءِ بجيٽ پيش ڪئي آهي، شهري سنڌ سان ڪو به تعلق يا واسطو ناهي، عوام اسان کي چونڊي ھتي ڊيسڪون وڄائڻ ۽ تقريرون ڪرڻ لاءِ ناھي موڪليو عواماسان کي پنھنجي مسئلن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪري موڪليو آھي، ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو تباھي آھي انھي جو ذميوار سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ آھي، ھوئين ته چوندا آھن ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ آھي پر بجيٽ وقت ڪراچي کي وساري ڇڏيندا آھي جيڪو ناانصافي آھي.

4نوان آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج ٺهندا، شاگردن جي مدد لاءِ 2 ارب رپيا مختص

ڪراچي: تعليم کاتي لاءِ 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 458.2 ارب رپين جي ڀيٽ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، هي رقم موجوده روينيو خرچ جو 25.3 سيڪڙو آهي، تعليمجي سڀني پرائمري تعليم جو بجيٽ 136.2 ارب رپين کان وڌي 156.2 ارب رپيا ٿي ويو آهي، سيڪنڊري تعليم جو بجيٽ 68.5 ارب رپين کان وڌي 77.2 ارب رپيا آهي،  نئين قدمن تحت تعليم جي شعبي ۾ ڪيترائي اهم قدم شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ 4400 نون اسٽاف ميمبرن جي ڀرتي،  4 نون آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجن جو قيام ۽  34100 کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن کي الڳ ڪاسٽ سينٽرن ۽ بجيٽ ڏئي خودمختياري ڏيڻ شامل آهن،  ان کان علاوه هونھار ۽ گهٽ وسيلن وارن شاگردن جي تعليمي مدد لاءِ سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ هيٺ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن،  خصوصي ماڻهن جي فلاح لاءِ بجيٽ 11.6 ارب رپين کان وڌائي 17.3 ارب رپيا رکي وئي آهي، تعليم جي بجيٽ کي هيٺين سطح تي منتقل ڪيو ويندو جنهن سان اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي عملي خرچن لاءِ فنڊ فراهم ٿيندا، معذور ماڻهن لاءِ وظيفن ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ نوان بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا، ان کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ يوتھ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا جيڪي نوجوانن کي مهارتن جي سکيا، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ ڊجيٽل لٽريسي پروگرام مهيا ڪندا،  پنج مختلف ٽيڪسن جن ۾ پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي شامل آهن کي ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام تي مالي بار گهٽجي.

پي پي ايڇ آءِ لاءِ ساڍا 16 ارب، گمس لاءِ 10 ۽ ايس آءِ يوٽي ڪراچي لاءِ 19 ارب رکيا ويا

ڪراچي: سنڌ سرڪار مالي سال 2025/46 جي بجيٽ ۾ پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيٽو لاءِ 16 ڏهائي پنج ارب، پير عبدالقادر شاھ جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ لاءِ 10 ارب روپيا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يوروالاجي ڪراچي لاءِ 19 ارب روپيا، شهيد بينظير ڀٽو حادثاتي ايمرجنسي ۽ ٽراما سينٽر ڪراچي لاءِ 4 ارب روپيا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽولاجي لاءِ 6 ڏهائي 6 ارب روپيا، لاڙڪاڻي ۾ اسپتال جي قيام لاءِ 10 ارب روپيا،  انڊس اسپتال لاءِ 8 ارب روپيا، چائلڊ لائف فائونڊيشن لاءِ 3 ارب روپيا، سنڌ ايمرجنسي هيلٿ سروسز لاءِ 5 ڏهائي 2 ارب روپيا رکيا ويا آهن، ڏورانهن ڳوٺاڻن علائقن ۾ موبائل ڊائگنوسٽڪ ايمرجنسي هيلٿ سروس لاءِ 557 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن.

اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ، اسپيڪر ڊائس جو گهيرو، بجيٽ ڪاپيون ڦاڙيون ويون

ڪراچي: وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن جو سخت احتجاج ڪيو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته هي وڏيراشاهي بجيٽ آهي جنهن ۾ شهري سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هي بجيٽ سنڌ جو نه، پر وڏيرا شاھي واري بجيٽ آهي، ان ۾ صرف جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، اپوزيشن جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ ڪرينعريبازي ڪئي ۽ ايوان ۾ سخت نعرا هڻندي بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، ايم ڪيو ايم پاران اسرائيلي جارحيت خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي وقتي اسپيڪر چيو ته بجيٽ اجلاس دوران قرارداد پيش نٿي ڪري سگهجي،

متحده جي سياست جي سڀني کي خبر آهي،عوام هميشه رد ڪيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعت، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڳٺ جوڙ واضح ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪي پارٽيون ماضي ۾ سيٽن تي هڪٻئي سان وڙهي رهيون هيون، اهي اڄ اسيمبلي جي فلور تي گڏ بيٺل نظر آيون، اهو  نئين اتحاد جو پيغام ضرور آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي ان مان ڪو فرق نه پوي ٿو، سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته متحده جي سياست جي سڀني کي خبر آهي، هي جماعت سدائين بلدياتي چونڊن کان ڀڄندي رهي آهي ڇو ته عوام ۾ ان جي ڪا مقبوليت باقي ناهي رهي. سنڌ جي عوام سدائين پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي مان دهشتگردي،  ٻوري بند لاشن، ڀتي خوري ۽ کلن واري سياست جو خاتمو آندو آهي.هن چيو تھ ايم ڪيو ايم اڄ اسيمبلي ۾ جيڪا رويو اختيار ڪيو، اهو محرومي جو نتيجو آهي. ايران تي حملي جو بهانو بڻائي جيڪو ڊرامو رچايو ويو، اهو به ظاهر ٿي چڪو آهي. وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي تقرير جي شروعات ايران تي بزدلاڻي حملي جي مذمت سان ڪئي، پر اپوزيشن ان موقعي تي به منفي سياست ڪئي،بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته حڪومت سنڌ هڪ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، گريڊ 1 کان 16 تائين ملازمن جون پگھارون12 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان مٿي ملازمن جون پگھارون 10 سيڪڙو وڌايون ويون آهن، سنڌ جي توانائي ۽ ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پڻ ان موقعي تي چيو ته اڄ جو احتجاج وزيراعليٰ سنڌ کي نشانو بڻائڻ هو،

سنڌ جي وڏي وزير، چيئر،مين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن کي عملي روپ ۾ آندو آهي، اهو اپوزيشن جي سياست جي خاتمي جو سبب بڻيو.

بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ٻه لک هارين کي مشينري ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي: وڏي وزير چيو ته بينظير هاري ڪارڊ جو جاري ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي ٻه لک کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ زرعي مشينري جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ڪلائميٽسمارٽ ايگريڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊرپ اريگيشن تي سبسڊي ڏني ويندي ۽ نجي ۽ سرڪاري ڀائيواري سان ڪلسٽر فارمنگ جا منصوبا شروع ڪيا ويندا،  ان کان سواء سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جاري آهي، جيئن ترقي پسند هارين کي بغير وياج قرض فراهم ڪري سگهجن،

موٽر وهيڪل ٽيڪسن ۾ اڌو اڌ رعايت جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار صوبائي بجيٽ 2025/26 ۾ ڪمرشل گاڏين کان وصول ٿيندڙ ٽئڪس کي گهٽائي هڪ هزاررپيا وصول ڪرڻ جو اعلان، موٽر سائيڪلن جي ٿرڊ پارٽي انشورنس ختم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ميوٽيشن فيس ۽ سيلز سرٽيفڪيٽ فيس هڪ هزار رپين مان گهٽائي 500 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سرٽيفائيڊ ڪاپيز وصول ڪرڻ جي فيس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ، سالوينسي ۽ هيئرشپ سرٽيفڪيٽ فيس 1000 مان  گهٽائي 500 روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس تي اسٽيمپ ڊيوٽي صرف 50 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ننڍن ملازمن لاءِ سوا 8 ارب جي رليف الائونس جو اعلان

ڪراچي:سنڌ سرڪار مالي سال 2025/26 جي بجيٽ۾ 37 هزار روپين کان گهٽ پگهار کڻندڙ 2 لک 16 هزار کان وڌيڪ گريڊ هڪ کان 6 تائين جي ملازمن کي 8 ارب 27 ڪروڙ رپين جو ريليف الائونس (پرسنل پي جي) فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ايندڙ سال به هڪ لک 63 هزار ملازمن کي ساڳيو ريليف الائونس فراهم ڪيو ويندو، معذور ملازمن کي 4کان 6 هزار رپين جو اسپيشل ڪنوينس الائونس فراهم ڪيو ويندو.

جي ڊي اي وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته جي ڊي اي وفاق ۽ سنڌ جي پيش ڪيل بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي عوام سان مذاق ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ بجيٽ خلاف احتجاج طور وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري، ڪراچي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر آهي، ان کي بجيٽ ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به ميگا پراجيڪٽ شامل نه ڪيو ويو آهي، تعليم لاءِ صرف 39.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته حڪمران تعليم ذريعي شعور وڌائڻ بدران قوم کي بينو فقير بڻائڻ چاهين ٿا. سردار عبدالرحيم چيو ته بجيٽ 2025 عوام دشمن آهي، جيڪو مهانگائي جو طوفان کڻي آيو آهي. هي بجيٽ صرف انگن اکرن جي ڦيرڦار ۽ ڏيکاءُ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.