آمريڪي سينٽ ڪام پاران پاڪستان”دهشت گردي خلاف جنگ ۾ غيرمعمولي ڀائيوار“ قرار

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ڪوريلا پاڪستان کي ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ غيرمعمولي ڀائيوار“ قرار ڏيندي، بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف ۽ داعش خراسان جهڙين دهشتگرد تنظيمُن جي خلاف پاڪستان جي جدوجهد جي واکاڻ ڪئي آهي، اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ هائوس آرمڊ سروسز ڪميٽي جي ٻڌڻي دوران جنرل مائيڪل ڪوريلا کان افغانستان سان لڳندڙ پاڪستاني سرحد تي صورتحال بابت سوال ڪيو ويو، جنهن هن ٻڌايو ته پاڪستان داعش خراسان جي درجنين دهشتگردن کي ماريو آهي، انٽيليجنس جي ڏي وٺ کان پوءِ پاڪستان داعش خراسان جي پنجن اهم دهشتگردن کي

گرفتار ڪيو آهي، هن داعش خراسان جي اهم ڪارندي محمد شريف الله عرف جعفر جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جعفر کي (آمريڪا جي) حوالي ڪيو، جيڪو ايبي گيٽ بم ڌماڪي جي پويان اهم منصوباڪندڙن مان هڪ هو، شريف الله جي گرفتاري کان پوءِ کين آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير پاران فون آيو،  هن ٻڌايو ته "مون هن کي پڪڙي ورتو آهي، مان هن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مهرباني ڪري سيڪريٽري دفاع ۽ صدر کي اطلاع ڏيو، ڪمانڊر سينٽ ڪام جو چوڻ هو ته "اسين ڏسي رهيا آهيون ته پاڪستان، اسان جي فراهم ڪيل محدود انٽيليجنس سان گڏ، پنهنجا ذريعا استعمال ڪندي انهن (دهشتگردن) جي پويان لڳي رهيو آهي ۽ اسان داعش خراسان تي ان جا اثر ڏسي رهيا آهيون.، 2024 جي شروعات کان وٺي پاڪستان جي اولهه وارن علائقن ۾ هڪ هزار دهشتگرد حملا ٿيا آهن، پاڪستان هن وقت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ فعال جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ هڪ غيرمعمولي ڀائيوار رهيو آهي، هن اهو به چيو ته آمريڪا لاءِ ضروري آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان لاڳاپا برقرار رکي، هن دليل ڏيندي چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان لاڳاپا رکڻا پوندا، ايئن ناهي ته جيڪڏهن اسان جو ڀارت سان تعلق آهي ته پاڪستان سان تعلق نه هجي، اسان کي لاڳاپن جي مثبت پهلوئن لاءِ ٻنهي ملڪن جي خوبين کي ڏسڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.