اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري وزير جي بريفنگ ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته ملٽري لاءِ جيڪي الائونس ڏنا ويا آهن، انهن جو مالي اثر ڪيترو آهي؟ گذريل سال توهان ملٽري لاءِ هڪ سال جي ٽيڪس ڇوٽ جو اعلان ڪيو هو، هن سال ان ۾ واڌ ڪئي وئي آهي يا نه؟ ٻئي طرف توهان عوام جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري ڇڏي آهي، پر 111 ادارن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جن ۾ فوجي فائونڊيشن جا ادارا، زيبسٽ، شفا اسپتال، ضيا الدين اسپتال جهڙا مهانگا ادارا شامل آهن. ڇا حڪومت ڪنهن سياسي دٻاءَ هيٺ آهي؟ناڻي واري وزير چيو ته ملٽري الائونس ۾ 6 سيڪڙو کان 10 سيڪڙو تائين واڌ جو اندازي طور مالي اثر 28 کان 30 ارب روپين جو آهي.ملٽري پينشن سسٽم جي بهتري لاءِ گذريل سال کان ريفارم جو سفر شروع ڪيو ويو آهي. نون ملازمن لاءِ پينشن اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا پهريان سول ملازمن لاءِ شروع ٿي، هاڻي انحصار ڪري ٿو ته فوج جي مخصوص سروس ڍانچي کي ڪيئن شامل ڪيو وڃي،هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به غير منافع بخش (Non-Profit) ادارن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ رائج آهي، بشرطيڪه اهي ادارا منافع حاصل نٿا ڪن.بجلي جي شعبي لاءِ خراب ڪارڪردگي باوجود 1000 ارب رپيا ڏيڻ تي سوال ڪيو ويو، جڏهن ته سڀني سبسڊين کي ختم ڪيو ويو آهي.فنانس سيڪريٽري جواب ڏنو ته بجلي جي شعبي ۾ وصولين جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي، تنهن ڪري سبسڊي ۾ گهٽتائي آئي آهي.