اسلام آباد(م ڊ) ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيرن ۽ پارليامينٽرينز جي ڳرين پگهارن جو دفاع ڪندي ميدان ۾ اچي ويو، ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ قانون سازي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان جي پارليامينٽ کان اها ئي گذارش هوندي ته هو ٽيڪسز جي نفاذ لاءِ ضروري قانون سازي ۽ ترميمن جي منظوري ڏئي، جيئن اسان کي اضافي قدم کڻڻا نه پون، اسلام آباد ۾ بجيٽ کان پوءِ واري پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهار اڍائي لک رپين مان وڌائي ساڍا 21 لک رپيا ڪرڻ جي وجهه اها آهي ته گذريل 9 سالن کان انهن جي پگهارن ۾ ڪو به واڌارو نه ڪيو ويو هو، صحافين جي سوالن تي محمد اورنگزيب چيو ته هي ضرور ڏسو ته وزيرن ۽ پارليامينٽرينز جي پگهار کي آخري ڀيرو ڪڏهن ايڊجسٽ ڪيو ويو هو، آخري دفعو 2016 ۾ ڪابينا جي وزيرن جي پگهار وڌائي وئي هئي، جيڪڏهن هر سال پگهارن ۾ واڌ ٿيندي رهي ها ته هينئر هڪ دم وڌڻ وارو معاملو نه ٿئي ها، جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ وزيرن جي پگهار به وڌڻ گهرجي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن گهٽ وڌائڻ بابت ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته جڏهن به پگهار يا پينشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪو نه ڪو بينچ مارڪ ضرور هئڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح سان لاڳاپيل واڌ جو معيار مقرر ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هتي مهانگائي جي شرح اڃا به 7.5 سيڪڙو آهي، اسان جي ذميواري آهي ته وفاقي خرچن کي گهٽايو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس لاڳو نه ڪري سگهيا ته پوءِ اسان کي 400 کان 500 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻا پوندا، هن چيو ته 2 هزار 700 ٽيرف لائينز تي ڪسٽم ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، جن مان 2 هزار ٽيرف لائينز سڌو سنئون خام مال سان لاڳاپيل آهي، ان قدم جي نتيجي ۾ برآمد ڪندڙن کي فائدو پهچندو، ڇو ته لاڳت گهٽ ٿيڻ ڪري هو وڌيڪ مقابلي جي قابل بڻجندا ۽ پنهنجي برآمدات ۾ واڌ ڪري سگهندا، هي پهرين سال جا انگ اکر آهن، ايندڙ سالن ۾ ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻينداسين ۽ ٽيرف جي پوري نظام ۾ مجموعي طور تي 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، اهڙي قسم جا سڌارا گذريل 30 سالن ۾ نه ڏٺا ويا آهن، هن چيو ته وزيراعظم ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته پگهاردار طبقي کي جيترو ٿي سگهي رليف ڏيون، پر حقيقت اها آهي ته اسان مالي وسيلن جي دستيابي جي حساب سان ئي اڳتي وڌي سگهون ٿا، اسان وچولي درجي جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کان شروعات ڪئي آهي ۽ انهن جي سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي شروع ڪئي وئي آهي، ڀلي اها گهٽتائي 0.5 سيڪڙو ئي ڇو نه هجي، پر اهو هڪ اهم سگنل (اشارو) آهي، ناڻي واري وزير چيو ته ننڍن گهرن لاءِ قرض اسڪيم جلد متعارف ڪرائڻ جو ارادو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻو آهي، خاص ڪري 5 مرلا کان ننڍو گهر، ته ان لاءِ مورگيچ فنانسنگ (قرض تي گهر ٺاهڻ) جي ڳالهه تمام اهم آهي، اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي طئي ڪيو ويندو ته ڪيترو قرض مهيا ڪيو ويندو ۽ پوءِ اها اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي، زرعي شعبي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن سال اسان کي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻو هو، جيڪو هڪ اسٽريڪچرل بئنچ مارڪ (جوڙجڪ جي تبديلي جو معيار) هو، پر وزيراعظم جي هدايت مطابق، اسان آءِ ايم ايف کي زرعي شعبي تي ٽيڪس نه لڳائڻ لاءِ قائل ڪيو، هن چيو ته گذريل بجيٽ تقرير ۾ زرعي شعبي ۾ قرضن جي واڌ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي قرضن جي فراهمي نهايت اهم آهي، چيو ته گذريل سال اسان کي اضافي ٽيڪس لڳائڻا پيا، ڇو ته جڏهن اسان عالمي ادارن سان ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اهي اسان جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ته هن ملڪ ۾ ٽيڪس لاڳو ٿي سگهن ٿا.قانون به موجود هئا، قانونسازي به ٿي رهي هئي، ٽيڪس به موجود هئا، پر اسان انهن کي نافذ نه ڪري رهيا هئاسين، هن سال اسان جيڪي ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن، انهن جي رقم 400 ارب رپين کان وڌي چڪي آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ اضافو نه ڪرڻ بابت سوال تي ناڻي واري وزير صحافين کي واپاري تنظيمن وٽ وڃڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ اسين هن وقت صحيح جاءِ تي بيٺل آهيون، سولر پينلن تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت سوال تي چيئرمين ايف بي آر چيو ته پاڪستان ۾ ٻه قسمن جا سولر پينل درآمد ٿين ٿا، خام حالت ۾ درآمد ٿيندڙ سولر پينل جن تي هتي مقامي سطح تي ويليو ايڊيشن ٿيندي آهي، انهن تي اڳ ۾ ئي سيلز ٽيڪس لاڳو هو، اسمبلڊ حالت ۾ درآمد ٿيندڙ سولر پينل تي ڪو به ٽيڪس لاڳو نه هو، جنهن سبب مقامي صنعت کي نقصان پهچي رهيو هو، ان جي نتيجي ۾ نه رڳو موجوده مقامي صنعت متاثر ٿي رهي هئي، پر اسان مستقبل ۾ مقامي پيداوار جي واڌاري جو رستو به بند ڪري ڇڏيو هو،