2 ڪروڙ 48 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر، سنڌ ۽ بلوچستان تعليمي ميدان ۾ پوئتي!

اسلام آباد: اقتصادي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 48 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ملڪ جي شرحِ خواندگي 60.6 سيڪڙو آهي، تعليم جي شعبي تي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو رڳو 0.8 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو آهي، اقتصادي سروي مطابق، ملڪ ۾ مجموعي طور تي شرحِ خواندگي 60.6 سيڪڙو رهي. مردن جي شرحِ خواندگي 68 سيڪڙو، جڏهن ته عورتن جي شرحِ خواندگي 52.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ۽ خواجه سرا برادري جي شرحِ خواندگي 40.2 سيڪڙو آهي، شهري علائقن ۾ شرحِ خواندگي 74 سيڪڙو جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 51.6 سيڪڙو رهي، صوبائي سطح تي پنجاب 66.3 سيڪڙو سان سڀ کان اڳڀرو آهي، سنڌ ۾ شرحِ خواندگي 57.5 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ 51.1 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 42.0 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 48 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ، 69 سيڪڙو ٻار اسڪول نٿا وڃن، سنڌ ۾ 47 سيڪڙو، پنجاب ۾ 32 سيڪڙو، ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان گهٽ، 30 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، اقتصادي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت يونيورسٽين جو مجموعي انگ 269 آهي، جن مان 160 سرڪاري ۽ 109 نجي يونيورسٽيون آهن، هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي تحت اعليٰ تعليم جي شعبي تي 61 ارب 10 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، يونيورسٽي سطح تي پي ايڇ ڊي فڪلٽي ميمبرز (استادن) جي شرح 37.97 سيڪڙو آهي، اقتصادي رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ هر چوٿون تعليمي ادارو بجلي کان محروم آهي، جڏهن ته هر ٽئين تعليمي اداري ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.