اسلام آباد(منيب فاروق) سينيئر صحافي حماد حسن ٽوئٽ ڪئي آھي تھ پي ٽي آئي بابت اسٽيبلشمنٽ پاران پاليسي تبديلي امڪان کان ٻاھر ناھي.مان بھ ھميشھ اھا ڳالھھ ڪئي آھي تھ پاليسي جي تبديلي ۾ دير ناھي لڳندي.اڄ اگر ويڇا آھن تھ ڊيل ٿيڻ ۾ بھ چپٽي وڄائڻ جيتري دير لڳندي.ماضي ۾ بھ اسٽيبلمشنٽ ڊيل ڪيون آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ بھ ائين ٿيڻ ممڪن آھي.ٻئي پاسي چوڌري پرويز الاھي چيو آھي تھ عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو مقبول ترين ليڊر آھي عمران جھڙو ليڊر اسان جي سياسي تاريخ ۾ ناھي آيو. سو چوڌري پرويز الاھي وڏي وقت بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر چيو آھي تھ مان عمران خان سان گڏ آھيان. ٻئي پاسي اڄ بھ اگر پنجاب ۾ پول ڪرايو وڃي تھ ن ليگ کان وڌيڪ پي ٽي آئي پنجاب ۾ مقبول آھي.پي ٽي آءِ جي دور ۾ ن ليگ مقبول ھئي. ھن وقت سموري معاملن باوجود پي ٽي آئي مقبول آھي.ھڪ يوٽيوبر دعويٰ ڪئي آھي تھ گنڊاپور جي عمران خان سان ملاقات مريم نواز جي چوڻ تي ٿي ھن جيل انتظاميھ کي ملاقات جو چيو پر منھنجي خيال ۾ ن ليگ جي انھن معاملن ۾ مداخلت ناھي ھوندي.