اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت معاشي هدف ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، زرعي ۽ صنعتي ترقي ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، قرض به وڌي ويا آهن، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسين صحيح رخ ۾ ۽ استحڪام ڏانهن اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ مهانگائي تي ڪاميابيءَ سان ضابطو آندو ويو آهي، اسلام آباد ۾ قومي اقتصادي سروي 2024-25 پيش ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته عالمي مجموعي پيداوار جي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ گلوبل جي ڊي پي واڌ 2.8 سيڪڙو آهي، تنهن هوندي به ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ جي ڊي پي ۾ واڌ اقتصادي ترقي جي علامت آهي، 2023ع ۾ اسان جي جي ڊي پي جي واڌ منفي هئي، 2024ع ۾ اها 2.5 سيڪڙو رهي، جڏهن ته 2025ع ۾ اها 2.7 سيڪڙو تائين پهتي ۽ مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي هئي، 2023ع ۾ صرف ٻن هفتن جا ذخيرا موجود هئا، ان کان پوءِ معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ افراطِ زر ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، عالمي مهانگائي، جيڪا ٻه سال اڳ 6.8 سيڪڙو هئي، هاڻ گھٽجي 0.3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي وڌڻ جي شرح گھٽجي 4.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت هڪ تفصيلي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ۽ هڪ سال اندر پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، هن جو چوڻ هو ته معاشي سلامتي قومي سلامتي جو هڪ انتهائي اهم جزو آهي، اسين صحيح رخ ۾ ۽ استحڪام ڏانهن اڳتي وڌي رهيا آهيون. موڊيز ۽ فِچ جهڙين عالمي ريٽنگ ايجنسيز پاڪستان بابت اقتصادي منظرنامي ۾ سڌارو آندو آهي، پائيدار ترقي لاءِ حڪومت پاليسين ۽ ڍانچائي سڌارن (structural reforms) جي شروعات ڪئي آهي. اسان کي معيشت جي "ڊي اين اي” کي تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ اسٽرڪچرل ريفارمز ضروري آهن، هن مالي سال دوران ناڻي جي ذخيرن ۾ شاندار واڌ ٿي آهي، دوست ملڪن جي اعتماد ۾ واڌ سبب زرمبادله جا ذخيرا وڌائڻ ۾ مدد ملي، جون 2024 تائين زرمبادله جي ذخيرن ۾ 5 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، بيروني شعبي ۾ استحڪام سان زرمبادله جا ذخيرا 16 ارب ڊالر تائين پهچي ويا، جي ڊي پي جي مقابلي ۾ قرضن جي شرح 68 سيڪڙو مان گهٽجي 65 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي (GDP) شرح گذريل پنجن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس آمدني ۾ واڌ آئي آهي، قرضن جي ادائيگيءَ ۾ 800 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي آهي. پنشن سڌارن ۾ به اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايندڙ وقت ۾ 43 وزارتن ۽ 400 سان لاڳاپيل ادارن جي "رائيٽ سائيزنگ” ڪئي ويندي، مان بجيٽ ۾ ٻڌائيندس ته ان عمل کي اڳتي ڪيئن وڌائڻو آهي، اسان ان منصوبي کي مرحليوار طريقي سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ۽ وزارتن ۽ کاتن کي ضم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جولاءِ کان مئي تائين جي عرصي دوران ٽيڪس وصولين ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. انڪم ٽيڪس فائلرز (آمدني ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن) جو انگ ٻيڻو ٿي 37 لک کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هاءِ ويليو فائلرز (وڏي آمدني وارن فائلرز) ۾ 178 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته آءِ ٽي (انفارميشن ٽيڪنالاجي) جي برآمدات ۾ واڌ ٿي آهي، فري لانسرز 40 ڪروڙ ڊالر ڪمايا. پرچون واپار ڪندڙن (ريٽيلرز) جي رجسٽريشن ۾ 74 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسين هاڻ وڌيڪ قرض وٺڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن قرض وٺنداسين ته پنهنجي شرطن تي وٺنداسين، ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته قرضن جي ادائيگين مان جيتري بچت ٿيندي، ان کي ٻين شعبن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، صنعتن جي واڌ ويجھه ۾ 6 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، جڏهن ته خدمتن (سروسز) جي شعبي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ريئل اسٽيٽ ۽ تعميراتي شعبي ۾ به 3 سيڪڙو تائين واڌ آئي آهي، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ صرف 0.6 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جاري کاتن جو خسارو هاڻي سرپلس (وڌيل رقم) ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اڪائونٽس 10 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، گذريل 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلنس (Primary Balance) سرپلس ۾ آيو آهي، هن چيو ته بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) لاءِ بجيٽ ۾ مختص رقم ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، 2024ع ۾ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ 593 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي. بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ذريعي 99 لک خاندانن جي مدد جاري آهي، اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 16 هزار ماڻهن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني پئي وڃي، معيشت جو مجموعي ڪاٿو 372 ارب ڊالر مان وڌي 411 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته في ڪس آمدني ۾ 162 ڊالر جو اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد اها 1824 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، محمد اورنگزيب چيو ته برآمدات ۾ 6.8 سيڪڙو واڌ سان 27 ارب 30 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، ايف بي آر (وفاقي بورڊ آف ريونيو) جي ٽيڪس وصولي 25.9 سيڪڙو وڌي 10 هزار 234 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 52.6 سيڪڙو جو نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، صنعتي شعبي جي ترقي 4.8 سيڪڙو ٿي آهي، جڏهن ته گاڏين جي صنعت ۾ 48 سيڪڙو جو واڌارو ٿيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ زرعي ترقي جي شرح هڪ سيڪڙو کان گهٽ رهي، جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي فصلن جي پيداوار ۾ 13 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي شرح چار سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، تنهن هوندي به وڏي صنعتي پيداوار ۾ ڏيڍ سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، موجوده مالي سال جي پهرين نو مهينن دوران حڪومت جي ذميواري وارا قرضا 76,007 ارب رپيا ٿي ويا آهن، قرض جي ادائيگي حڪومت جو سڀ کان وڏو خرچ آهي.