اسلام آباد: اقتصادي سروي رپورٽ 2024-25 ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 7 لک 50 هزار شهرين لاءِ رڳو هڪ ڊاڪٽرموجود آهي، جيڪو صحت جي سهولتن جي انتهائي گهٽ موجودگي کي ظاهر ڪري ٿو، رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ صحت تي ٿيندڙ خرچ مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. صحت جو مجموعي بجيٽ 925 ارب رپيا رهيو آهي، ملڪ ۾ 7 لک 50 هزار ماڻهن لاءِ رڳو هڪ ڊاڪٽر موجود آهي، گذريل هڪ سال دوران ڊاڪٽرن جي تعداد ۾ 20 هزار کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 3 لک 19 هزار تائين پهچي ويو آهي، رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته، ملڪ ۾ ڊينٽسٽ ڊاڪٽرن (ڏندن جي ماهرن) جي تعداد 39,088 آهي، نرسز جي مجموعي تعداد 1 لک 38 هزار آهي، دائِين (ميڊوائفز) جي تعداد 46,801 آهي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو انگ 29 هزار آهي، رپورٽ جي انگن اکرن مطابق، ملڪ ۾ اسپتالن جو تعداد 1,696 ۽ بنيادي صحت مرڪزن (Basic Health Units) جو انگ 5,434 آهي، هر هزار ڄاول ٻارن مان ساليانو 50 ٻار فوت ٿين ٿا، جيڪو ٻارن جي موت جي شرح جي سنجيده صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ ۾ ماڻهن جي سراسري عمر جو اندازو 65 سال کان وڌي 67 سال 6 مهينا ٿي ويو آهي، جيڪو صحت جي بهتري طرف هڪ مثبت اشارو آهي.