لنڊن (م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڀارت سان مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو، پر ڀارت 24 ڪروڙ پاڪستانينلاءِ پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. برطانوي چينل "اسڪائي نيوز” کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته جنگ بندي ٿي وئي پر امن اڃا ناهي ٿيو، ڀارت ۾ جيڪڏهن ڪو دهشتگرد حملو ٿئي ته ثبوت هجن يا نه، اهو واقعو جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي زمين تان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا، ايف اي ٽي ايف فريم ورڪ تحت ڪارروائيون به ڪيون، پر ڀارت بنا ثبوت جي پاڪستان تي الزام هڻي ٿو، خبر ناهي ڀارت سچ ڇو نٿو مڃي ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙي پنهنجي ئي عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ڀارت هڪ ايٽمي طاقت سان جنگ ڪري ورتي پر پهلگام حملي ۾ ملوث هڪ به دهشتگرد جو ثبوت نه ڏئي سگهيو. بلاول خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڻي بند ڪرڻ واري ڌمڪي تي عمل ڪري ٿو ته پاڪستان ان کي جنگي قدم سمجهندو، عالمي برادري کي گڏجي ڀارتي روش جي مذمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سڀني مسئلن، دهشتگردي، ڪشمير يا پاڻي تي ڳالهائجي ۽ اڳتي وڌڻ شروع ڪجي. هن چيو ته ڀارت ۾ جيڪو دهشتگرد حملو ٿيو ان جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي، اهو ڀارت جي اندر جو هڪ مقامي گروهه هو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڳالهين کان به انڪار ڪري ٿو ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ ڀلي آمريڪا هجي يا برطانيا، ان تجويز کي رد ڪري ٿو. بلاول ٽرمپ انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جنگ بندي لاءِ آمريڪا، ٽرمپ ۽ سيڪريٽري روبيو سرگرم رهيا. عمران خان بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ قانوني نظام موجود آهي، جيڪڏهن عدالت عمران خان کي آزاد ڪري ٿي ته ان جي حمايت ڪنداسين. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد برطانيا جي مشهور تحقيقي اداري چيٽم هائوس ۾ اهم ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي برطانوي دانشورن، پاليسي سازن ۽ ماهرن سان خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيٽم هائوس، برطانيا جو پرڏيهي ۽ سلامتي معاملن تي اهم ٿنڪ ٽينڪ آهي، ان جي ميزباني هيٺ گڏجاڻي چيٽم هائوس رولز تحت بند دروازن پويان رکي وئي، جيئن آزاديءَ سان ۽ گڏيل احترام سان ڳالهيون ٿي سگهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ تڪرار جي ڏس ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ۽ ڀارت جي بي سبب فوجي جارحيت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙين ڪاررواين سبب عام شهرين جي حياتين کي خطرا درپيش آهن ۽ خطي جو امن متاثر ٿيو آهي. وفد زور ڀريو ته ڀارت جون ڪارروايون پاڪستان جي خودمختياري سان گڏ گڏ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي منشور جي پڻ ڀڃڪڙي آهن. پاڪستاني فوج، سڄي قوم جي حمايت سان، ڀارتي جارحيت جو موثر جواب ڏنو ۽ دشمن جي نئين معمول واري ڪوشش کي ناڪام بڻايو. بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ طاس معاهدي جي ڀارت طرفان يڪطرفي ۽ غيرقانوني معطلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ خطرناڪ مثال قائم ڪري ٿو ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڀارت کي ان عمل تي جوابده بڻايو وڃي. وفد اهو به چتاءُ ڏنو ته ڪشمير جو مسئلو اڄ به خطي ۾ مستقل امن جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آهي ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته معنيٰ خيز ڳالهين جي حمايت ڪري ۽ انساني حقن ۽ عالمي واعدن جي پاسداري يقيني بڻائي. وفد ۾ شامل ٻين اهم شخصيتن ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، سينيٽر شيري رحمان، ايم اين اي حنا رباني کر، انجنيئر خرم دستگير، سينيٽر سيد فيصل سبزواري، سينيٽر بشريٰ انجم بٽ، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ تهمينا جنجوعا شامل هئا. ان موقعي تي برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. هوڏانهن لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اوهان جو موقف مضبوط هجي ۽ اوهان سچ سان گڏ بيٺل هجو ته پنهنجو پيغام دنيا تائين پهچائڻ سولو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ڀارت جو بيانيون ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ان ڪري انهن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن۔ بلاول ڀٽو چيو ته، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، آمريڪا هجي يا برطانيا، پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ڀارت کي ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ راضي ڪندي، جيئن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن قائم ٿي سگهي.