گلگت بلتستان کان سنڌ تائين، وڪيل برادري ڪنهن ڪنھن جي جنگ وڙهي رهي آهي؟

تحرير:  امداد قاضي

هڪ طرف بيروزگاري، مهانگائي، نوجوان ۽ انهن ۾ بھ اڪثريت  پڙھيل ڳڙھيل جي آھي.جيڪي حالتن کان مايوس ٿي ملڪ مان ڀڄي رهيا آهن. انهن ۾ خاصو انگ اعليٰ تعليم يافته نوجوانن جو بھ آهي.اڪثريت ۾ پنجاب جا نوجوان يورپ ۽ آمريڪا پهچڻ جي ڪوشش ۾ سمنڊ جي لهرن  حوالي ٿي رهيا آهن. انهن مان گهڻا موت جي منھن ۾ ھليا وڃن ٿا. انهن جي والدين تي ڇا گذري ٿي. جن  مشڪلاتون کڻي کين پاليو ۽ سادي زندگيءَ گذاري انھن کي وڏو ڪيو ۽  تعليم ڏني. آخر ۾ اھي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا ! ڇا اھي ٻار ان لاءِ تھ نھ نپايا ھئا تھ اھي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃن؟

ٻئي طرف رياست، سياست، معيشت ۽ ڪاروبار تي قبضي سان گڏ، هاڻي زراعت، ٻيلن، پاڻي جي ذريعن، قدرتي وسيلن ۽ تاريخي ۽ سياحتي ماڳن تي مڪمل قبضا ڪيا پيا وڃن. ان لاءِ، ڪٺ پتلي، بدعنوان، نااهل، بزدل، چاپلوس ۽ خود غرض سياسي سودي بازن تي ٻڌل ايوانن مان آئيني ترميمون ڪرائي ملڪ جي 98 سيڪڙو آبادي، خاص طور تي مزدور، هاري، آبادگار، ڳوٺاڻن، ملازمن، عورتن، شاگردن، استادن، نوجوان ۽ غريب، وچولي طبقي کي مختلف مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي. جنھن جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا  جئين پوءِ تئين وڌيڪ ڪيا پيا وڃن.

گلگت بلتستان، سنڌ، سرائيڪي، وسيب، چولستان، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ موجود سڀني سرڪاري زمينن مان لکين ايڪڙ زمين کي  ايس آءِ ايف سي ، تحت گرين پاڪستان انيشيئيٽو، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪاربن ڪريڊٽ، گرين ٽوئرزم ۽ خبر ناھي ڪھڙي ڪھڙي نالي تي نجڪاري ۾ ڏئي ڪري ۽ قبضو ڪيو پيو وڃي.

سڄي پاڪستان ۽ ڪشمير ، گلگت بلتستان جي آس پاس وارن علائقن جا ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا تھ پاڻي جي شديد کوٽ سبب، نه رڳو هاري، آبادگار، زميندار، خاص طور تي سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي وسيب ۽ پنجاب جا ھاري، آبادگار،زميندار، خاص ڪري ٽيل جا ماڻھون مسلسل متاثر ٿي رهيا آهن. ان  باوجود، هي مخصوص مائينڊ سيٽ سالن کان آباد لکين ايڪڙ سيراب ۽ آباد ٿيندڙ زمين جي پاڻي جو رخ موڙڻ ۽ پنھنجون جاگيرون آباد ڪرڻ لاءِ ڪينالز ڪڍڻ تي ناقص،ناقابل عمل ۽ رد رٿائن تي اربين رپيا ضايع ڪرڻ لاءِ بضد آھن.

اھڙي ريت وفاق ۾ شامل سڀني قومي يونٽن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سڀني زير زمين قدرتي وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ مائيننگ ۽ منرل بل پاس ڪرايو آھي.

بلڪل اھڙي طرح  ڪاربن ڪريڊٽ پروجيڪٽ تحت ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين سان گڏجي ڪري  سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيلن لاءِ رکيل لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اشتهار شايع ڪيا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته سموري سرڪاري ۽ واڌو زمين تي  صرف مقامي بي زمين هارين، ڪسانن، آبادگارن، ڳوٺاڻن، چرواهن ۽ شهرين جو حق آهي. ساڳئي طرح، قدرتي وسيلن ۽ ٻيلن جي زمين تي پڻ مقامي بي زمين هارين ۽ ساڳئي صوبي يا علائقي جي رهواسين جو حق آهي. هي لکين ايڪڙ زمين، جيڪا هن وقت حڪومت جي قبضي ۾ آهي، اتي جي ماڻهن جي ملڪيت آهي، جنهن کي نه ته پرڏيهين جي حوالي ڪرڻ درست آھي ۽ نھ ئي نه ئي غير لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي الاٽ ڪرڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. حڪمران طبقا زمين، ٻيلن، دريائن، کاڻيون ۽ ٻيا زير زمين وسيلن ۽ تفريحي، سياحتي هنڌ ۽ تاريخي ورثا وڪرو ڪري رهيا آهن.ايتري تائين جو.

حڪمران اشرافيه آءِ ايم ايف جو حواو ڏئي ڪري پنهنجي پگهارن ۽ الائونسز ۾ چوڻ کان وڌيڪ واڌ ڪري ٿي ڇڏي.

هن سامراجي اداري جا  دلال نه ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ خاص واڌارو ڪن ٿا، نه ئي مهانگائي جي تناسب سان مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪن ٿا ۽ نه ئي مزدورن جي پينشن ۾ واڌ ڪن ٿا. ان جي ابتڙ انھن مٿان ڏينهون ڏينهن نوان ٽيڪس مڙھيندا رھن ٿا. جنهن جي  مثال سال 2025 ۽ 2026 جي  بجيٽ آهي.

ان کان علاوه، صنعتي ادارن، صحت ۽ تعليمي ادارن کي نجڪاري ۾ ڏئي ڪري اھي سھولتون عوا م جي پهچ کان پري ڪيون پيون وڃن. روزگار جا موقعا پيدا ڪري بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ بدران، اهي  مختلف کاتن ۾ موجود خالي پوسٽن کي ختم ڪري رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾،انھن ناانصافين، حقن جي ڦرلٽ ۽ غلط فيصلن خلاف پرامن جدوجهد ڪرڻ ڇا ۾ غلط آهي؟

بلوچستان، سنڌ جا ماڻهو، وڪيل برادري ۽ گلگت بلتستان جا ماڻهو انهن ناانصافين خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن ئي ناانصافين خلاف، چولستان، سرائيڪي وسيب ۽ پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾، پنجاب ڪسان ڪميٽي، ڪميونسٽ پارٽي پنجاب ڪميٽي جا ساٿي، سرائيڪي وسيب جون ڪيتريون ئي پارٽيون، ۽ پنجاب جون سڀئي انصاف پسند، انسان دوست ۽ ترقي پسند قوتون پڻ انهن جي مخالفت ۾وڏي پئماني تي نھ سھي پر پوءِ بھ  ڪردار ادا ڪري رھيون آھن.

بلوچستان جي صورتحال سڀني جي آڏو آهي، جتي نه رڳو پارلياماني سياست ڪڏھوڪو ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جهڙيون پرامن جدوجهد ڪندڙ تنظيمن کي بھ  برداشت نه ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته جبري گمشدگين کي به قانوني تحفظ ڏنو ويو آهي.

گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ بھ عوامي  ايڪشن ڪميٽين جي گڏيل پليٽ فارم تان ھلندڙ زوردار جدوجهد سڀني جي سامهون آهي. ساڳئي طرح، خيبر پختونخواهه جي ماڻهن مختلف وقتن تي ۽ هاڻي مائننگ ۽ منرلز ايڪٽ خلاف جيڪو رد عمل ظاهر ڪيو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي. انهن تنظيمن جي ماڻهن ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جيڪي جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن کي پرڏيهي ملڪ جو ايجنٽ قرار ڏئي ڪري ڪوڙ ڪيس گھڙي انھن کي قيد ڪيو ويو آهي. اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. انهن مسز فاطمه جناح کي به پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏنو هو.

حقيقت اها آهي ته جڏهن کان ملڪ جي سياست ۽ رياست تي فوجي ۽ سول بيوروڪريسي قبضو ڪيو آهي،تھ پاڪستان کي سامراجي جنگين ۾ ڌڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي فوج سامراج جي ڀاڙي جي فوج بڻجي وئي آهي. ان ڳالهه جو اعتراف جنرلن ۽ سول آفيسرن رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجين لکڻين ۾ ڪندا رھيا آھن.

انهن حالتن جي باوجود نه ته حڪمران SIFC ۽ ان جي تحت هلندڙ رٿائن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي اهي ڪارپوريٽ فارمنگ، مائننگ ۽ منرلز ايڪٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ يا ٻيلن جي زمين کي پرڏيهين ۽ غير لاڳاپيل ادارن جي حوالي ڪرڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي الاٽمينٽ ذريعي ٻيلن کي وڌائڻ لاءِ تيار آهن. نه ئي اهي ماڻهن تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. تنهن ڪري شھري ملڪ کان مايوس ٿي رھيا آھن ۽ پنھنجي زندگين کي بچائڻ لاءِ  اسان وٽ روڊن تي جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو  رستو نھ بچيو آهي؟  اسان کي ٽرانسپورٽرن سان همدردي آھي ۽ انهن جي مسئلن ۽ مشڪلات جو بھ احساس آھي. واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ عام شهري کي درپيش مشڪلاتن کي به چڱي طرح سمجهون ٿا، پر اهي حالتون حڪمرانن پاران پيدا ڪيون  آهن ۽ اهي ئي انهن حالتن جا ذميوار آهن.  سنڌ جا ماڻهون ۽ وڪيل برادري گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ جاري جدوجهد نه رڳو اتي جي ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ بنيادي مسئلن لاءِ آهي، پر ساڳئي وقت اهي سڄي ملڪ جي ماڻهن جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪري رهيا آهن. مسئلا به گڏيل آهن، تنهن ڪري مسئلا پيدا ڪندڙ به ساڳيا آهن، جدوجهد به گڏيل آهي.

 پر حڪمران سڀني صوبن جي ماڻهن جي گڏيل جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، انهي سان گڏ پرامن جدوجهد ۾ مداخلت ڪري ان کي تشدد وارو بڻائي رهيا آهن ۽ عجيب نعرا متعارف ڪرائي ۽ پوءِ ان کي جواز طور استعمال ڪندي، مختلف صوبن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. ملڪ جي مختلف حصن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي هي جدوجهد هر قيمت تي هڪ ُپرامن جدوجهد آهي ۽ ان کي پرامن رهڻ گهرجي. هي جدوجهد مٿين نقطن کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. تنهن ڪري، اميد آهي ته سڄي ملڪ جا ماڻهو حڪمرانن جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا کي سختي سان رد ڪندا ۽ هن جدوجهد کي پنهنجو سمجهندا ۽ ان جي مڪمل حمايت ڪندا. توهان کي به هن جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي. هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ گرفتار سياسي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.