معاشي سروي رپورٽ: حقيقت پسند پاليسين جي ضرورت

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران پاڪستان جي سالياني اقتصادي سروي رپورٽ 2024-25 پيش ڪئي وئي آهي، جنهن کي اسان اڄ وفاقي حڪومت جي پيش ٿيندڙ بجيٽ جو ٽريلر سمجهون ٿا. جي بظاهر اهو سروي ڪو ملڪ جي معاشي بحالي، ترقي ۽ مستحڪم مستقبل جي دعوائن سان ڀرپور آهي. هن سروي ۾ پيش ڪيل انگ اکر، پاليسين، ۽ ايندڙ اقتصادي رستن بابت ڪيترائي مثبت اشارا ڏنا ويا آهن. پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي انگ اکر حقيقتن جي ويجهو آهن ۽ ڇا انهن بنيادن تي ملڪ جي معاشي ۽ سماجي صورتحال واقعي بهتري طرف رواني ٿيندي.

وفاقي وزير جي سروي رپورٽ موجب پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2.68٪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا 2023 جي منفي واڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. ساڳي وقت مهانگائي جي شرح اپريل 2025 ۾ گهٽجي 0.3٪ تي اچي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي 20.7٪ جي ڀيٽ ۾ هڪ وڏو فرق آهي.

اهڙيون دعوائون يقيني طور تي عوام جي اميدن کي وڌائن ٿيون، خاص ڪري جڏهن پاليسي ريٽ 22٪ کان گهٽجي 11٪ تي اچي ويو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 1.9 ارب ڊالر تي آهي ۽ زرمبادله جا ذخيرا 16.64 ارب ڊالر تائين وڌي ويا آهن. سروي موجب في ڪس آمدني 9.7٪ وڌي 1,824 آمريڪي ڊالر تائين پهتي آهي، جڏهن ته ٽيڪس آمدني ۾ 26.3٪ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 50٪ جي واڌ، ترسيلات زر ۾ 31٪ واڌ ۽ آءِ ٽي برآمدات ۾ 23.7٪ جو اضافو به ڏيکاري ٿو ته ملڪ جي مالي انڊيڪيٽرز مثبت رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن.

جيتوڻيڪ هي انگ اکر معاشي بحالي طرف اشارو ڪن ٿا، پر انهن جي پٺيان موجود حقيقتن جو پڻ احتياط سان تجزيو ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور، جي ڊي پي جي واڌ جي باوجود زراعت واري شعبي ۾ واڌ صرف 0.56٪ رڪارڊ ٿي، جڏهن ته وڏن فصلن جهڙوڪ ڪپهه (-30.7٪) ۽ ڪڻڪ (-8.9٪) جي پيداوار گهٽجي وئي آهي، جيڪا زرعي معيشت لاءِ خبردار ڪندڙ آهي. ساڳي وقت، لارج اسڪيليڊ مينوفيڪچرنگ ۾ 1.5٪ جي گهٽتائي ۽ مائننگ شعبي ۾ 3.4٪ جي گهٽتائي ڏيکاري ٿي ته صنعتي شعبي ۾ به چئلينج برقرار آهن. جيڪڏهن سروي موجب مهانگائي اپريل 2025 ۾ صرف 0.3٪ رهي، ته اهو لاڳيتو اڳين مهينن ۾ غير معمولي طور تي گهٽ مهانگائي جو اشاري آهي، جيڪو زميني حقيقتن سان ميل نه ٿو کائي. ڇاڪاڻ ته روزاني واپرائڻ واريون شيون جيئن گيهه، کنڊ، بجلي جا بل، ۽ اٽو اڃا به عام ماڻهو لاءِ ڏکيا آهن.

جيڪڏهن اهي انگ اکر مستحڪم رهن، ته مستقبل ۾ ملڪي معيشت لاءِ ڪجهه مثبت امڪان سامهون اچي سگهن ٿا: زرمبادله جي ذخيره وڌڻ سان روپئي جي استحڪام کي مدد ملندي. ڪرنت اڪائونٽ سرپلس برقرار رهڻ سان پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. آءِ ٽي برآمدات جي واڌ سان نوجوانن کي نوڪريون ملڻ جا موقعا وڌندا. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اعتماد واڌاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فضا بهتر ٿيندي. ٽيڪس جي آمدني ۾ اضافي سان حڪومت وٽ ترقياتي خرچ لاءِ وڌيڪ وسيلن جي گنجائش پيدا ٿيندي. معاشي بهتري جا انگ اکر جيڪڏهن ميدان ۾ عوام جي زندگي ۾ تبديلي نه آڻين، ته اهي صرف ڪاغذي دستاويزن ۽ انگن اکرن جي فن تائين محدود هجن ته ڇا سمجهجي، جڏهن ته عوام جي تقاضا اها آهي ته مهانگائي تي قابو پائڻ لاءِ قيمتن جي مانيٽرنگ جو نظام بهتر ڪريو، مهانگائي جي گهٽ شرح صرف انگن اکرن ۾ نه، پر مارڪيٽن جي حقيقتن ۾ نظر اچڻ گهرجي. صارفين جي تحفظ لاءِ نوان قانون ۽ مارڪيٽ انسپيڪشن کي مضبوط ڪيو وڃي.

زراعت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وڏن فصلن ۾ گهٽتائي باعث بڻجي سگهي ٿي خوراڪ جي بحران ۽ درآمدن جي واڌ جي. جديد زرعي ٽيڪنيڪ، سبسڊي پاليسي، ۽ پاڻي جي استعمال ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن. نوڪريون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. آءِ ٽي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم کي فروغ ڏئي نوجوانن کي بااختيار بڻايو وڃي، جيئن معاشي ترقي جو سڌو فائدو عوام تائين پهچي. غريب طبقن لاءِ سڌي امداد هجي، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شفافيت بهتر بڻائي، ان جا فائدا وڌائي، ۽ نوان سماجي تحفظ جا طريقا متعارف ڪرايا وڃن. صنعتي شعبي لاءِ آسان قرضن جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. خاص طور تي لارج اسڪيليڊ مينوفيڪچرنگ ۾ واڌ لاءِ ڪارخانيدارن کي سستو قرض، توانائي ۾ رعايتون، ۽ سهولتڪار پاليسيون ڏنيون وڃن. تعليمي ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌايو وڃي: معيشت جي مستحڪم ترقي لاءِ انساني وسيلن جي صلاحيت وڌائڻ ضروري آهي، جيڪا تعليم ۽ صحت کان سواءِ ممڪن ناهي.

سو موجوده معاشي سروي جي انگن اکرن مان واضع ٿئي ٿو ته حڪومت مالي سطح تي ڪنهن حد تائين استحڪام آندو آهي، پر ان جو سڌو اثر عام ماڻهن جي زندگي تي ڪيترو پيو آهي، اهو تاحال واضح ناهي. حڪومت کي گهرجي ته هاڻ رڳو ميڪرو اشاريئن تي فخر ڪرڻ بدران، ان ترقي جو سڌو اثر عوام جي معاشي، سماجي، ۽ روزاني زندگي ۾ آڻڻ لاءِ فوري قدمن تي ڌيان ڏئي. مهانگائي، بيروزگاري، تعليم، صحت، ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙا مسئلا عام ماڻهو لاءِ اڃا به ڏکيا آهن، جن جي حل کانسواءِ ڪو به معاشي سروي مڪمل ڪامياب نٿو سڏي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.