بجيٽ: عوام کي ڪو ريليف ملندو يا خالي دلاسا

تحرير: مجاهد چنا

ھر سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي حڪومت ان کي عوام دوست ۽ وري مخالف ڌر ان کي انگن اکرن جي ھيرا ڦيري قرار ڏيندي عوام دشمن ڪوٺيندي آھي. عوام ٻنھي صورتن ۾ پيو ڀوڳيندو آھي وري رھيل ڪسر حڪومت مختلف حيلا بھانا ڪري مني بجيٽ پيش ڪري پوري ڪري ڇڏيندي آھي. حڪمرانن جي سبزباغ، اپوزيشن جي هاءِ گھوڙا توڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي باوجود عام ماڻھو اميدن آسرن تي پيو زندگيءَ جو گاڏو ھلائيندو آھي. مسلم ليگ ن جي  مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو بجيٽ حوالي سان ڪوٺايل اجلاس توڙي ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه دوران چوڻ ھو ته اسان جي اڌ بجيٽ قرض جي ادائيگيءَ ۾ ويندي،118کان وڌيڪ ترقياتي رٿائون بند ڪيون ويون آهن. ترقياتي بجيٽ ھلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 100ارب رپيا گھٽتائي ڪري 1000ارب رکي وئي آھي.

ھوڏانھن وري سنڌ جي آبپاشي جي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت سنڌ لاءِ 86ارب رپين جو وعدو ڪري رڳو 56ارب رکيا آهن.ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ترقياتي پئڪيج ختم ڪيا ويا آهن. اھي خبرون به ميڊيا جو زينت بڻجنديون رھيون آھن ته صوبائي حڪومتون مڪمل ترقياتي بجيٽ به وقت سر خرچ نه ٿيون ڪري سگھن آخري مھينن ۾ وٺ وٺان ڪري منصوبا جوڙين ٿيون جيڪا ھڪ طرف انھن جي نااھلي کي وائکو ته ٻئي پاسي وري اڪثر رٿائون ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿيون.

وفاقي وزير جو اھو به چوڻ ھو ته خرچ وڌيڪ آمدني گھٽ آھي انڪري پيٽرول ۽ ڊيزل گاڏين تي ڪاربن ليوي مد ۾ 25ارب اوڳاڙي جو پلان جوڙيو آھي، مطلب ته شاھي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ھر شيءِ تي ٽيڪس لاڳو ڪري خسارو پورو ڪيو ويندو. سياڻا چوندا آھن ته چادر آھر پير ڊگيھرڻ گھرجن. ھڪ طرف زھر کائڻ جا پيسا نه ھجڻ ۽ خسارو ڄاڻائي مختلف کاتن ۾ خالي جاين کي ختم، ھزارين ماڻھن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي ته وري ٻئي پاسي چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبليءَ، ميمبرن توڙي وزيرن ۽ صلاحڪار جي پگھارن ۾ تمام گھڻو اضافو ڪيو ويو آھي جيڪو غريب ۽ پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن سان سراسر ظلم آهي. حڪومت جو ڪم صرف ٽيڪس مڙھي عوام جي کيسن تي ڌاڙو ھڻڻ نه پر ان جي بدلي ۾ عوام کي صحت، تعليم، صاف پاڻي توڙي امن به ڏيڻ کپي پر ان جي ابتڙ عوام اھي سڀ سھولتون پئسا ڏيئي پرائيويٽ طور حاصل ڪري ٿو.

سوال اھو آھي ته ھر موقعي تي عام ماڻھوءَ کي قرباني جو ٻڪرو ڇو ٿو بڻايو وڃي، حڪمران ججز، جرنيلن کي ڇو ڇوٽ ڇڏيو وڃي ٿو.قرباني جو آغاز نه صرف حڪمرانن کي پنھنجي ذات کان شروع ڪيو وڃي پر چادر آھر قومي ناڻو خرچ ڪيو وڃي. شاھي خرچ گھٽائي، وي آءِ پي ڪلچر ۽ مفت خوريءَ ختم، سادگي و ڪفايت شعاري جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي.

ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پنھنجا لٽا وڪڻي غريبن لاءِ اٽو سستي ڪرڻ جي دعوا ڪندڙ حڪمران ھن سال سالياني بجيٽ ۾ عوام کي ڪو ريليف ملندو يا خالي دلاسا ۽ ڏٽا ڏنا ويندا!؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.