سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري پاران گذريل ٻن سالن جي روايت کي برقرار رکندي، هن سال به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سُومر، 26 مئي ۽ اڱاري، 27 مئي 2025ع تي، ٻن ڏينهن وارِي ٽين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ان سلسلي جي پهرين ڪانفرنس فيبروري 2023ع ۽ ٻئين ڪانفرنس مئي 2024ع ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. هن سال هن ڪانفرنس جو مرڪزي خيال (Theme) ’سنڌي ٻولي، سنڌُو لکت (انڊس اسڪرپٽ) ۽ مادري ٻولين جا سماجي ثقافتي رُخَ‘ هو. هن ڪانفرنس ۾ نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ چئني صوبن کان سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ گرامر جي پارکُن، سنڌُو لکت جي ماهرن، سنڌُو لکت جهڙين ٻين ٻولين جي پڙهڻين ۽ ڀاڃ ۾ ڀَڙُ اسڪالرن شرڪت ڪئي، بلڪه ٻوليءَ جي گھڻ پهلوئي واهپي، ان جي سماجي ۽ ثقافتي رُخن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ٻوليءَ جي اطلاق توڙي اهميت تي ڪم ڪندڙ ڄاڻُن پڻ شرڪت ڪئي. انهن عالمن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف خطن مان شرڪت ڪندڙ اسڪالرن کان علاوه بنگلاديش کان ڪهي آيل انگريزي لسانيات جي معتبر عالم ۽ ’بَراڪ يونيورسٽي ڍاڪا‘ (بنگلاديش) جي ’بَراڪ انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيجز‘ جِي ڊائريڪٽر، پروفيسر ڊاڪٽر شائله سلطانه ۽ انڊونيشيا کان آيل صنفي علمن جي ماهر اسڪالر، ’يُو پي آءِ‘ ــ دِي ايجوڪيشن يونيورسٽي، بئنڊونگ، انڊونيشيا ۾ صنفي ۽ ٻالڪ نفسيات جي علمن جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ساڳئي يونيورسٽيءَ ۾ قائم جنسي ڏاڍائيءَ جي روڪٿام ۽ ردِعمل واري يُونٽ جي سربراهه، ڊاڪٽر هاني يلندرا ساري شامل آهن، جيڪي بنفسِ نفيس هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ پنهنجن ملڪن مان سِيڙجي سنڌ آيون. انهن کان علاوه ٻن ٻين پرڏيهي اسڪالرن پڻ ويڊيولنڪ رستي پنهنجا مقالا ۽ تحقيق هن ڪانفرنس ۾ ونڊِي، جن ۾ ملائيشيا مان پروفيسر ڊاڪٽر ماياکيملاڻي ڊيوڊ ۽ تائيوان مان ڊاڪٽر پِي لنگ هانگ شامل هيون. ڊاڪٽر مايا کيملاڻي ڊيوڊ، يونيورسٽي آف ملايا جي ايشيا يورپ انسٽيٽيوٽ جِي اعزازي پروفيسر آهي، جڏهن ته پِي لنگ هانگ، نيشنل تائيوان يونيورسٽيءَ جي سينٽر آف جنرل ايجوڪيشن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، جنهن ڀٽائيءَ جي راڳ تي پنهنجِي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري مڪمل ڪئي آهي. ان ريت هن عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان گڏوگڏ انهن چئن ملڪن (بنگلاديش، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ تائيوان) جي نمائندگي پڻ ٿي. اهي ٻئي ڏينهن صبح 11 لڳي کان رات 9:00 لڳي تائين لڳاتار مختلف سيشن منعقد ڪيا ويا. مجموعي طور تي ٻنهي ڏينهن جي 11 سيشنز دؤران 55 اسڪالرز ٻوليءَ جي مختلف پهلوئن بابت پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ مقالا پيش ڪيا.
ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن منجھند 12:00 لڳي ڌاري ڪانفرنس جو افتتاحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ سرڪار جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز جي وزير، سيّد ذوالفقار علي شاهه ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان، تعليم ۽ معدنيات جو صوبائي وزير، سيّد سردار علي شاهه هو. هن افتتاحي نشست ۾ ٻن پرڏيهي اسڪالرز پروفيسر ڊاڪٽر شائله سلطانه (بنگلاديش) ۽ پروفيسر ڊاڪٽر هاني يلندار ساري (انڊونيشيا) پنهنجا خاص مقالا پيش ڪيا، جڏهن ته مقامي اسڪالرز منجھان نامياري دانشور جامي چانڊئي پنهنجو خاص مقالو پڙهيو. ان سان گڏ هن نشست ۾ هن ڪانفرنس جو مُک ڪانڍيندڙ ۽ هنن سمورن ٻوليءَ جي عاشقن کي ڪٺو ڪندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن، پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، سينيٽر پُونجو مَل ڀِيل (جنهن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ بل تيار ڪيو آهي)، ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو صدر، احمد شاهه ۽ ڪانفرنس جو سيڪريٽري ۽ نؤجوان اينٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر رفيق وساڻ پڻ مجلسِ صدارت جو حصو رهيا. هن نشست ۾ اٿارٽيءَ پاران ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ڪيل 18 منجھان 8 ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو، جن ۾ انگريزيءَ ۾ پهريون ڀيرو شايع ڪيل عالمي ريسرچ جرنل ”مهين جو دڙو“ جو پهريون شمارو به شامل هو. پهرين ڏينهن جي سيشنز جي اختتام تي ”ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال“ جي موضوع تي هڪ اهم مذاڪرو پڻ منعقد ٿيو، جنهن جي ميزباني، نامياري دانشور ۽ ’زيبسٽ‘ يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سوشل سائنسز شعبي جي ڊِين، ڊاڪٽر رياض شيخ ڪئي، جڏهن ته ناميارو سماج سڌارڪ ۽ دانشور، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سينيئر صحافي سهيل سانگي ساڻس ان ڳالهه ۾ ٻولهه ۾ شامل رهيا. پهرين ڏينهن جي ڪارروائيءَ جِي پُڄاڻي، ”سنڌي منهنجي ٻولي“ جي عنوان سان هڪ اسٽيج ڊرامي تي ٿي، جنهن کي حيدرآباد جي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل پاران رفيق عيساڻي ميمڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ نسرين ناز ۽ شهباز بلوچ جهڙن سينيئر اداڪارن متعدد جونيئر اداڪارن جي ساٿ ۾ ٻوليءَ کي پنهنجائڻ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ان جي واهپي جي حوالي سان جذباتي مڪالمن تي مشتمل هڪ ڀرپور ٿيئٽر پيش ڪري حاضرين کي جذباتي ڪري ڇڏيو ۽ ڀرپور داد ڪمايو.
ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن پڻ سڄو ڏينهن مختلف سيشن منعقد ٿيندا رهيا، جن ۾ اسڪالرز ٻوليءَ جي حوالي سان پنهنجيُون نڪور تحقيقون پيش ڪيون. سانجھيءَ پُڄاڻان، ڪانفرنس جو اختتامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ قديم آثارن، آرڪائيوز ۽ عجائب گھرن جي ماهرَ، نامياري محقق، ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ (تمغهء امتياز) پنهنجو خاص مقالو پيش ڪيو، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جو اسڪالر ڊاڪٽر حنيف خليل، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن، پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، اٿارٽيءَ جا ٻه اڳوڻا چيئرمئن ــ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر محمّد علي مانجھي، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر، امر فياض ٻرڙو ۽ ٻَئِي پرڏيهي اسڪالرز، ڊاڪٽر شائله سلطانه ۽ ڊاڪٽر هاني يلندرا ساري پڻ مجلسِ صدارت جو حصو رهيون ۽ انهن سڀني پنهنجا ويچار ونڊيا.
ڪانفرنس جي ٻنهي ڏينهن تي پڙهيل مقالن ۾ مختلف اسڪالرن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ اختتامي اجلاس ۾ هيٺيان ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظُور ڪيا ويا:
1 ــ وفاقي سرڪار کان گُهر ٿي ڪجي ته پھرئين مرحلي طور چئني وفاقي اِڪائين جي ٻولين: سنڌي، پشتو، پنجابي ۽ بلوچيءَ کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ ٻين ٻولين لاءِ صوبائي اسيمبلين کي اختيار ڏنو وڃي ته جن به ٻين ٻولين لاءِ اهي بل پاس ڪري موڪلين، ته انهن ٻولين کي به ’قومي ٻوليءَ‘ جو درجو ڏنو وڃي.
2 ــ وفاقي سرڪارکان گُهر ٿي ڪجي ته پاڪستان ۾ خطري هيٺ آيل ٻولين جي بچاءَ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. ايئن ئي سنڌ حڪومت سنڌ اندر مرندڙ ٻولين جي بچاءَ لاءِ ڪوششون وٺي.
3 ــ سنڌ سرڪار کان گُهر ٿي ڪجي ته سنڌ ۾ بيوروڪريسيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيندڙ ٻين صوبن جي آفيسرن لاءِ بنيادي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.
4 ــ ڪراچيءَ جي انٽرميڊيئٽ بورڊ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ جي انتظاميه سنڌي شاگردن جي داخلا فارمن ۾ انهن جي مرضيءَ کانسواءِ ’آسان سنڌي‘ سبجيڪٽ لکي رهي آهي، جنھن سبب سنڌي شاگردَ انٽر ۾ لازمي سنڌيءَ جو مضمون نٿا پڙهي سگهن ۽ مجبوراً ’آسان سنڌيءَ‘ جو پيپر ڏين ٿا. سنڌ سرڪار ان جو نوٽيس وٺي، انٽر ۾ سنڌيءَ جو ڪورس لازمي لاڳُو ڪرائي.
5 ــ سنڌ سرڪار کان گُهر ٿي ڪجي ته ’محمد ابراهيم جويو بيُورو آف ٽرانسليشن‘، ’سنڌي لغت بورڊ‘ ۽ ’سنڌي سائنس بورڊ‘ کي نالي ماتر هلائڻ بجاءِ باضابطه طور هڪ اداري جي شڪل ڏني وڃي ۽ انهن ۾ لاڳاپيل شعبن جا ماهر ۽ قابل ماڻهو مقرر ڪيا وڃن.
6 ــ سنڌ سرڪار کان گُهر ٿي ڪجي ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا واسطي مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي سنڌ ۾ نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ غير سنڌي ملازمن کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو ڪورس ڪرايو وڃي.
7 ــ پرائيويٽ اسڪولن ۾ هفتي ۾ سنڌيءَ جو هڪ ڪلاس پڙهائي، ميار لاهيندڙ اسڪولن خلاف نوٽيس وٺندي، سنڌي سبجيڪٽ نه پڙهائيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.
8 ــ اختيارين کان گُھرَ ڪجي ٿي ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ روڊن رستن، ريلوي اسٽيشنن، هوائي اڏن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ نالا، هدايتون ۽ ڀليڪار جا بورڊ لکي لڳايا وڃن.
9 ــ انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي لڳل سمورا بورڊ ۽ ميلَ جا پٿرَ سنڌيءَ ۾ پڻ لازمي طور لکيا وڃن.
10 ــ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجين شين (مصنوعات) تي لازمي طور سنڌيءَ ۾ نالا، هدايتون ۽ اشتهار پڻ شايع ڪن.
11 ــ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪجي ٿو ته 1972ع جي بل کي مڪمل روح سان لاڳو ڪيو وڃي ۽ هر سرڪاري اداري جا نالا، بورڊ ۽ مواد سنڌيءَ ۾ لکائڻ ۽ ڇپائڻ پڻ لازمي قرار ڏئي. هر اداري کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجي اشتهارن توڙي لکپڙهه سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ايئن ڪن، جيئن سنڌ حڪومت جي لوگو ۾ شامل آهي، يعني پهرين سنڌيءَ ۽ پوءِ اردوءَ ۾.
12 ــ اسان سنڌي ميڊيا کان به مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ ٻوليءَ جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ اداري ۾ ٻوليءَ جا ڄاڻو سب ايڊيٽر ۽ پروف ريڊر ڀرتي ڪن. ساڳئيءَ ريت اهي پنهنجين اخبارن کي عڪس (اميج) بجاءِ ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ رکن ته جيئن ترجميڪاريءَ، ’چيٽ جِي پِي ٽِي‘ ۽ AI ۾ ان جو واهپو وڌيڪ معياري انداز ۾ ٿي سگهي.
13 ــ اسان اردو ميڊيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها سنڌ کي ڪراچيءَ کان ڌار ڪري اُچارڻ واري رَوِش ختم ڪندي پنهنجين خبرن ۾ ”ڪراچي اور سنڌ“ جو اصطلاح استعمال ڪرڻ فوري طور تي ختم ڪري. وڌيڪ اهو ته ”اندرونِ سنڌ“ يا ”انٽِرِيئر سنڌ“ جو اصطلاح استعمال ڪرڻ کان به سختيءَ سان پاسو ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي جنهن به شهر يا ڳوٺ بابت خبر نشر ٿيندي هجي، ان شهر يا ڳوٺ جو نالو واضح طور تي کنيو وڃي.
آخري ڏينهن تي اختتامي اجلاس کانپوءِ رٿيل سنگيت واري نشست تازو موري ۾ پيش آيل سانحي سبب سوڳ ۾ منسوخ ڪئي وئي. مجموعي طور تي پرڏيهي اسڪالرن نه رڳو مقامي اسڪالرن جي ٻوليءَ بابت جديد طرز جي تحقيق جي لاڙن ۽ سنڌي لکت جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائين کي ساراهيو، بلڪه سنڌي ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ سان جذباتي لڳاءَ ۽ ڪِمِٽمنٽ جي پڻ واکاڻ ڪئي.