عالمي ماحوليات جي حوالي سان بئنڪ الفلاح، پاڪستان ايئر ڪوالٽي انيشيئيٽو۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي جاچ اداري اربن ليب جي سهڪار سان ڪراچي ايميشنز انوينٽري جي عنوان سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي .هئي رپورٽ بئنڪ الفلاح جي مالي معاونت سان نصب ڪرايل 13نئي ائير ڪوالٽي جي مانيٽرنگ جي حوالي سان تيارڪئي وئي آهي .
رپورٽ موجب شهر جي مختلف رش وارن علائقن جهڙوڪ صدر، ڪورنگي، گڏاپ، نارٿ ناظم آباد ۽ ڪلفٽن ۾ نصب ڪيل ائير ڪوالٽي جي آله جي ذريعي مانيٽرنگ جا نتيجا آهن، انهن مانيٽر نقصانڪار گئسن جهڙوڪ پي ايم 2.5، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ماپ ڪئي، جيڪي شهري صحت ۽ زندگي جي معيار سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن.مقامي ڊيٽا جي بنياد تي هي رپورٽ ڪراچي ۾ فضائي گندلاڻ جي بحران جي بنيادي سببن بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪري ٿي.
رپورٽ موجب ڪراچي هر سال 394.82 ڪلوٽن ڪاربن خارج ڪري ٿو، جنهن مان 49 سيڪڙو صنعتن مان ۽ 33 سيڪڙو ٽرانسپورٽ مان ايندو آهي. بجلي جي پيداوار، جيڪا سلفر سان ڀريل ٻارڻ تي تمام گهڻو انحصار ڪري ٿي، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج جو 30 سيڪڙو آهي،جڏهن ته ڪراچي جي گرم موسم جي ڪري رهائشي ذريعن مان آلودگي جو حصو گهٽ آهي،
بينڪ الفلاح گرين بينڪنگ جي سفر جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ويسٽ مينجمنٽ، ري سائيڪلنگ ۽ پاڻي جي موثر استعمال لاءِ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن سان سهڪار ڪري رهي آهي .پاڪستان ايئر ڪوالٽي انيشيئيٽو جي باني عابد قمر، بينڪ الفلاح جي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ۽ سي ايس آر جي سربراهه مديجه جاويد قريشي، عافيه سلام ۽ ياسر حسن سميت ٻين خطاب ڪيو. بينڪ الفلاح جي سي ايس آر مايجه جاويد قريشي چيو ته گرين بينڪنگ جي سفر جي رهنمائي لاءِ ويسٽ منيجمنٽ ، ري سائيڪلنگ ۽ پاڻي جي موثر استعمال لاءِ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون .اسان ڊبليو ڊبليو ايف سان به ڪم ڪري رهيا آهيون اسان چاهيون ته ميڊياسميت جيڪي به اسيٽ هولڊر آهن هو ماحوليات جي لاءِ اسان سان گڏ ڪم ڪن .