سنڌي ٻوليءَ جو سيبتو ۽ سگھارو قلمڪار ڊاڪٽر جاويد شيخ ڪنھن تعارف جو محتاج نه آهي. ھو اَدبي دنيا ۾ ھڪ نامياري ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، شاعر ۽ محقق طور سڃاڻپ رکي ٿو. سنڌ جي برک شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ تي پي ايچ ڊي ڪيل ڊاڪٽر جاويد شيخ نھايت ئي شائسته طبيعت، حق گو، علم دوست، محنتي ۽ جاکوڙي انسان آھي. جاويد ڪراچيءَ جي ھڪ ڪاليج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عُھدي تي فائز آھي. تا حال سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. ’اَڏيو جو اوڏن‘ سندس ٽيون ڪتاب آھي. جيڪو مُرڪ پبليڪيشن طرفان سن 2024ع ۾ ڇپيو آھي.
جيڪڏھن ڪو مونکان پڇي ته ڊاڪٽر جاويد شيخ جي شخصيت جون ڪي به ٽي نمايان خوبيون ڪھڙيون آھن، ته آئون ھي ٽي خصلتون ٻڌائيندس: علم دوستي، حق بياني ۽ لگاتار محنت.
منھنجا ھي ٻه اکر جاويد جي ڪتاب جو تنقيدي جائزو ھر گز نه آھن، ان لاءِ ھڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي، بلڪ ڪتاب ۾ تحرير ڪيل امر اقبال جو جامع مُھاڳ ۽ ڄام جمالي جو خوبصورت بئڪ ٽائيٽل نوٽ بھترين اَدبي جائزي جي حيثيت رکن ٿا. منھنجي ھي ننڍڙي تحرير صرف اظھارِ محبت آھي، ھڪ اھڙي اَدب دوست انسان لاءِ جيڪو پنھنجي پيار جي پورھيي يعني پنھنجي ڪتابن ۽ علم کي پنھنجي اولاد جيان اھميت ڏي ٿو. ھن وقت به اَدب جي ھن سرجڻهار وٽ سَت اَٺ ڪتاب اَڻ ڇَپيل صورت ۾ موجود آھن. جن ۾ پي ايچ ڊي جو تحقيقي مقالو سَرِ فھرست آھي.
’اَڏيو جو اوڏن‘ ۾ شامل مضمون صرف معلوماتي نوعيت جا نه آھن پر اُنھن ۾ واضح طور تحقيقي ۽ تنقيدي خاصيت موجود آھي. جيڪا جاويد کي ھڪ عام مضمون نگار کان مٿاھون ڪري بيھاري ٿي. جيتوڻيڪ ھڪ ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار جي ٻولي ۽ لھجي ۾ ڪافي سڌو ھوندو آھي. پر اسان جو ھي ٻھگھڻو قلمڪار افسانوي توڙي تحقيقي ٻنھي ميدانن ۾ سُرخرو نظر اچي ٿو.
ڪتاب ۾ شامل اڪثر شخصيتن جو تعلق شاعريءَ سان آھي. تنھنڪري ھي ڪتاب خاص طور تي شاعريءَ سان شغف رکندڙن لاءِ وڌيڪ مفيد آھي. سڀ کان پھرين شخصيت سَچل سرمست رح جي آھي. جنھنجو تعلق ٽالپر دور سان آهي، ٻي شخصيت ”سنڌي اَدب جو اَبو“ مرزا قليچ بيگ آھي. جيڪو انگريزن جي دؤر سان تعلق رکي ٿو (وفات 1929ع) ۽ ٽين شخصيت عظيم سِنڌي مُفڪر علامه آءِ آءِ قاضي آھي جنھنجو به گھڻو تعلق انگريزن جي دؤرِ حڪومت سان رھيو (1886-1967)۔ ھن ٽِن ھستين کان پوءِ جن پنجن شاعرن کي جاويد شيخ پنھنجن مضمونن لاءِ منتخب ڪيو آھي. سي به پنھنجي دؤر جا معتبر ۽ مڃيل نالا آھن . اُنھن ۾ امداد حسيني، اُستاد بخاري، تاجل بيوس، تاج بلوچ ۽ سرويچ سجاولي شامل آھن.باقي مضمونن جا ڪردار پڻ سنڌي شعر و اَدب ۾ سٺي مڃتا رکن ٿا. مضمونن جي بغور مطالعي کان پوءِ مختلف قسم جا واقعا ۽ حقائق ھڪ اَدبي تاريخ جي صورت ۾ سامھون اچي بيھن ٿا.
ڪتاب جون ٻه مکيه ڳالھيون جن جو آئون ھتي ذڪر ڪرڻ بيحد ضروري سمجھان ٿو. ھڪڙو ڪتاب جو نالو ۽ ٻي اُن جي اَرپنا. ڪتاب جو عنوان شاهه سائينءَ جي بيت مان ورتو ويو آهي. پورو بيت ھن ريت آھي.
اَڏيو جو اوڏن، سو شال ڍنگر ڍلو نه ٿي
جنھن پر ويھي ڪن ليکو لاکي ڄام سين
لطيف سائين ھن بيت ۾ اوڏن جو تعارف به پيش ڪيو آھي، ته تعريف به ڪئي آھي. تعارف ھي ته اوڏ انساني سماج جا مُک معمار آھن. غريباڻي گھر کان وٺي شاھي محلات، ڪوٽ قلعا ۽ باقي ٻيون ھر قسم جون اڏاوتون اوڏن ۽ اوڏڻين جي رت ۽ پگھر جو ثمر آھن. اوڏن جي اھڙي محنت ۽ مشقت واري ڪردار کان متاثر ٿي ڪتاب جي مُصنف اَدبي سَرجڻھارن کي به اوڏن سان ڀيٽ ڏني آھي. مطلب ته ڪتاب جو نالو نھايت ئي سھڻو ۽ پُرڪشش آھي.
ڪنھن به تصنيف جي اَرپنا پڻ ڪتاب جو اھم حصو ھوندي آھي، جنھن مان خبر پوندي آھي. ته مُصنف پنھنجي اَدبي ميڙي چونڊي ڪھڙي ھستيءَ کي اَرپي آھي. ڊاڪٽر جاويد شيخ پنھنجو ھي قلمي پورھيو سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم عوامي مؤرخ ۽ ڪراچيءَ جي قابلِ فخر فرزند گُل حسن ڪلمتيءَ مرحوم جي نالي ڪيو آھي، جنھن ”ڪراچي سنڌ جي مارُئي “ ۽ ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جھڙا شاھڪار تحقيقي ڪتاب لکي تعصب ۽ تنگدليءَ جي سوچ رکندڙن کي ڪراچيءَ جي قدامت، عظمت ۽ اوج کان آگاهه ڪيو. اھڙي بھترين انتساب لاءِ جاويد مبارڪ باد جو مستحق آهي.آخر ۾ آئون اھو چوندس ته جاويد شيخ جو ھي ڪتاب مضمون نگاريءَ جي ڪتابن ۾ ھڪ اھم اضافو آھي، اُميد ته ھن سلسلي جو ٻيو ڀاڱو به جلد پڙھندڙن تائين پھچي ويندو.