اتر سنڌ ۾ امن امان جي بدتر صورتحال، حڪومت جي ناڪامي جو چٽو ثبوت

تحرير: منظور کوسو

امن امان جو مسئلو هڪ وڏي عرصي کان اتر سنڌ خاص ڪري ضلعي گهوٽڪي،ڪنڌڪوٽ ڪشمور، سکر جي عوام لاءِ هڪ وڏو آزار ۽ ان سان گڏ سنڌ سرڪار لاءِ به هڪ چيلينج بڻيل آهي.روڊ،رستا،هائيويز، شهر توڙي ڳوٺ،ڪاروباري ۽ عام ماڻهو عدم تحفظ جا شڪار ۽ غيرمحفوظ بڻجي چڪا آهن.ڏينهن ڏٺي جو ڦرلٽ، مار ڌاڙ ۽ اغوا معمول بڻجي چڪا آهن. ڏوهاري پوليس چوڪين ۽ ٿاڻن جي پرواهه نه ڪندي انهن کان ڪجهه ئي فاصلي تي کلي عام وارداتون ڪري رهيا آهن، انهن حالتن ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي ته آخر پوليس ڇا پئي ڪري؟ جيئن ڏوهارين تازو تنگواڻي بخشاپور انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري بنا ڪنهن خوف جي آرام سان ڪوچز، ويگنن، ڪارن ۾ سوار ماڻهن کي سرعام ڦريندا رهيا ۽ چيو وڃي ٿو ته هتان پوليس ٿاڻو به هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي! هي ضلعو ته ڦرلٽ ۽ مار ڌاڙ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جتي ڏوهارين جي پوليس تي اک به نه ٿي ٻڏي.منهنجو پرامن شهر شڪارپور جنهنجو شاندار ماضي رابيلن جهڙو اجرو تاريخ جي ڪتابن ۾ قلمبند آهي هاڻي ان جو حال هي آهي ته هتان جو شريف ۽ ڪاروباري شهري بدمعاشن جي چنبي ۾ آيل آهي.هي ٻيو ڀيرو آهي جو پوليس چوڪي کان چند قدمن جي فاصلي تي دوڪان ۾ ويٺل واپاري منجهند جو ٻين وڳي ڦورن هٿان پنهنجي هڙ ڦرائي ويٺو.

ان قسم جون وارداتون هتي روز جو معمول بڻيل آهن.معصوم شهرين تي اهڙيون ته آفتون بڇيون ويون آهن جن ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ حيرت جوڳي ڳالهھ اها آهي ته ايترا سارا ڏوهه ٿين پيا پر اڄ ڏينهن تائين ڪو ڏوهاري قانون جي گرفت ۾ اچي ڪين سگهيو آهي.ماضي ۾ پوليس ڏوهارين خلاف ڪچي ۾ آپريشن به ڪيا پر هر ڀيري پنهنجو جاني نقصان ڪرائي واپس ٿي ڏوهارين کي چٿي ڪين سگهي.پوليس جون بليٽ پروف بڪتر بند گاڏيون به ڏوهارين جي بارود آڏو ڄڻڪ ٽين جا دٻا نڪتا ۽ ڪيترائي جوان ۽ آفيسر شهيد ٿي ويا.جيستائين مونکي ياد ٿو پوي ته 2023 ۾ سنڌ ڪابينا وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سنڌ پوليس،رينجرز ۽ فوج جي گڏيل آپريشن جو اعلان ڪيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين اعلان ئي رهيو.ان آپريشن لاءِ جديد ملٽري گريڊ جا هٿيار ۽ نگراني جا اوزار وغيره خريد ڪرڻ لاءِ ٻه ارب 79ڪروڙ 60 لک روپين جي منظوري پڻ ڏني وئي.امن و امان لاءِ ايپڪس ڪاميٽي جا اجلاس،سنڌ هاءِ  ڪورٽ جا حڪم،صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اهم اجلاس،آپريشن ۽ هٿيارن لاءِ وڏين رقمن جي منظوري،اعلي آفيسرن جون بدليون ايتري وٺ سٺ کانپوءِ به ڪي نتيجا نه مليا روڊن رستن تي سفر ڪندڙ مسافر اڄ به ڏوهارين جي نشاني تي آهن ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جو امن سان گذري.هندن جا ڪيئي خاندان تحفظ نه ملڻ ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڀارت لڏي ويا ۽ ڪي لڏڻ جي تيارين ۾ آهن.

اهو به ڪو دور هوندو هو جڏهن راڄن جا چڱا پنهنجي تر ۾ ڪنهن سان ٿيل ظلم زيادتي کي پنهنجي پڳ جي توهين سمجهندا هئا ۽ لچي لوفر کي تر ۾ رهڻ ڪين ڏيندا هئا، جيڪڏهن ڪو لڏندو هو ته ان کي ميڙون منٿون ڪري ويهاريندا هئا.اهي ته نه رهيا آهن پر اڄ انهن جي پڳدار اولاد موجود آهي پر انهن جي سامهون ڦرلٽ عام جام ٿئي پئي اغوائون به ٿين پيون ته ماڻهو به لڏن پيا،پر هو پنهنجن ماڻهن/ووٽرن کي تحفظ نه ٿا ڏئي سگهن بيوسي ۽ لاچاري جو اظهار ٿا ڪن جيڪڏهن ايترا ئي بيوس ۽ لاچار آهن هنن جي نه ٿي ٻڌي وڃي ته پوءِ اسيمبلين ۾ ويهي وقت وڃائڻ  کان بهتر ناهي ته استعيفائون ڏئي پنهنجن تڪن ۾ واپس اچن سندن ڪا تاريخ ته ٺهي پوندي.چند ڏوهارين اڳيان پوليس،چونڊيل نمائندا، راڄ ڀاڳ جا چڱا چورائيندڙ سڀ بيوس ۽ لاچار آخر ڇو؟يا ان بيوسي جي پٺيان ڪي مقصد ۽ مفاد آهن جنهن جي سڄي لوڙ ماڻهو پيا لوڙين.ماڻهو اغوا ٿي ويا ڌاڙيلن جي تشدد ۾ مري ويا پر جنازي نماز يا تڏي تي شهر جا وارث سڏرائيندڙ نه پهتا.ڪي ڳالهيون بلڪل سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.خطرناڪ هٿيار ۽ بارود ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پيو پهچي؟پوليس ڪچي ۾ نه ٿي وڃي سگهي ته ڇا ڌاڙيلن جي رسد به بند نه ٿي ڪري سگهي؟جن ذاتين جي ڏوهارين تر تپائي ڏنو آهي ڇا انهن تي انهن جا سردار،مقدم،چڱا به اثرانداز نه ٿا ٿي سگهن؟

بهرحال جيستائين پڪي جا سهولتڪار ڪچي جي ڏوهارين جي سهولتڪاري نه ڪندا تيسين انهن کي راڪيٽ لانچر ۽ بليٽ پروف بڪتربند گاڏين کي تباهه ڪندڙ هٿيار نه ٿا ملي سگهن.ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ صدف حاصلو ڪيس ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري داخلا  به پيش ٿيا.جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏنا ته امن وامان لاءِ رينجرز کي ڪيتري رقم ڏني وڃي ٿي ۽ هن اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ڌاڙيل پڪڙيا؟

سيڪريٽري داخلا ٻڌايو ته 6.1 بلين رقم ڏيندا آهيون.باقي ڪيترا ڌاڙيل پڪڙيا ويا اهو ڪونه ٻڌايو ويو.آپريشن،هٿيارن،رينجرز لاءِ ايڏي وڏي رقم ۽ امن و امان جو حال هي آهي ته رستن تي ڏوهن جو راڪاس پيو لامارا ڏي.آخر ماڻهو ڪيسين برداشت ڪندا خبرن موجب تنگواڻي ۾ پنهنجي بنيادي حق امن لاءِ احتجاج ڪندڙن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.ماڻهو ٻن باهن جي وچ ۾ پيا پڄرن ٻيو ته ٺهيو پر تر جا چونڊيل نمائندا به ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجي ووٽرن جي واهر ڪرڻ جي تڪليف نه ٿا ڪن.

2023 ۾ سنڌ ڪابينا وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سنڌ پوليس،رينجرز ۽ فوج جي گڏيل آپريشن جو اعلان ڪيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين اعلان ئي رهيو.ان آپريشن لاءِ جديد ملٽري گريڊ جا هٿيار ۽ نگراني جا اوزار وغيره خريد ڪرڻ لاءِ ٻه ارب 79ڪروڙ 60 لک روپين جي منظوري پڻ ڏني وئي.امن و امان لاءِ ايپڪس ڪاميٽي جا اجلاس،سنڌ هاءِ  ڪورٽ جا حڪم،صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اهم اجلاس،آپريشن ۽ هٿيارن لاءِ وڏين رقمن جي منظوري،اعلي آفيسرن جون بدليون ايتري وٺ سٺ کانپوءِ به ڪي نتيجا نه مليا روڊن رستن تي سفر ڪندڙ مسافر اڄ به ڏوهارين جي نشاني تي آهن ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جو امن سان گذري.هندن جا ڪيئي خاندان تحفظ نه ملڻ ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڀارت لڏي ويا ۽ ڪي لڏڻ جي تيارين ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.