عيد الاضحيٰ جو ڏينهن، هر سال وانگر، سموري روحانيت، خوشي ۽ اجتماعي عقيدت کي روشن ڪرڻ لاءِ تيار آهي. قرباني هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو اسان کي سيکاري ٿو ته اصل مقصد صرف جانورن کي ذبح ڪرڻ نه آهي، پر پنھنجي خواھشن کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪرڻ آهي، جيڪو سنتِ ابراهيمي جو اصل روح آهي. عيد الاضحيٰ دوران اسان جي شهرن جو ماحول قرباني ۽ ايثار جي جذبي سان سرشار هوندو آهي، پر انهن منظرن جي پٺيان هڪ غلطي لڪيل آهي جنھن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي، هڪ اھڙي غفلت جيڪا سوين انساني زندگين کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.
عيد الاضحيٰ جي ڏينهن تي سنتِ ابراهيمي ادا ڪرڻ هر مسلمان لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهھ آهي. پر ڇا اسان ڪڏهن سنجيدگي سان ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته قرباني کان پوءِ اسان جا پاڙا، شهر ۽ گهٽيون رت سان ڀرجي ڇو وينديون آھن.،ھر ھنڌ پکڙيل ۽ اڇلاليل اوجھريون، جانورن جون منڍيون ۽ قرباني ڪيل جانورن جون باقيات ڪيترن ئي هفتن تائين واٽ تان گذرندڙن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجنديون آھن.سنتِ ابراهيمي ادا تھ ڪئي وڃي ٿي پر ڪھڙو سبب آھي جو شعور ۽ ذميداري جو مظاھرو ڪندي ڇو صفائي جو خيال نٿو رکيو وڃي جيڪا محمد ﷺ جي سنت تي عمل جو ھڪ سبق آهي.
هر سال عيد الاضحيٰ کان پوءِ هوائي اڏن ۽ پاڪستان ايئر فورس جي ايئر فيلڊز جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ جانورن جي آنڊن اوجھرين ، چمڙو، هڏيون ۽ گوشت جا ٿيلها وغيره اڇلائڻ معمول بڻجي ويو آهي. اها باقيات نھ رڳو بدبوءِ،گندگي۽ بيماريون پکيڙين ٿا، پر سرڻين، بازن ۽ ڳجھن جهڙن وڏن پکين کي پڻ پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا، جيڪي فضا ۾ اڏامندڙ هوائي جهازن سان ٽڪرائجي خطرناڪ حادثا پيدا ڪن ٿا.
ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪنھن پکي جو هوائي جهاز سان ٽڪرائجڻ ڪيترو تباهي آڻيندڙ ٿي سگهي ٿو؟ هڪ عام مسافر جهاز ڪيترا ئي سو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ايئر فورس جو فائٽر جيٽ ان کان ٻيڻي رفتار سان اڏامندو آهي.پکين جو جهازن سان ٽڪراءُ خاص طور تي فائٽر جيٽ، سان ٽڪرائجڻ هڪ سنگين هوائي خطرو آهي، جنھن پٺيان سائنس جو حرڪت وارو ۽ توانائي وارو قانون ھوندو آهي. جڏهن بھ ڪو پکي تيز رفتار جهاز سان ٽڪرائجي ٿو، ته ان جي جسم ۾ موجود حرڪي توانائي جهاز جي ڪنهن به حصي کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪافي ھوندي آهي. جهاز جي رفتار جيتري وڌيڪ هوندي، ٽڪراءُ جي شدت ۽ نقصان جي نوعيت اوتري ئي وڌيڪ هوندي. جيڪڏهن ڪو پکي جهاز جي انجن سان ٽڪرائجي ٿو، ته ان جي ڪري انجن سان جھاز جي انجڻ جا چٿڙ اڏامي سگھن ٿا. جهاز جو توازن بگڙي سگهي ٿو يا انجن مڪمل طور تي فيل ٿي سگهي ٿو. ساڳئي طرح جيڪڏهن پکي ڪاڪ پٽ جي شيشي يا جهاز جي اهم حصن سان ٽڪرائجندو ته پائلٽ جي زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ جهاز جو ٽيڪنيڪل نظام متاثر ٿي سگهي ٿو. اهو ٽڪراءُ ظاھري طور تي معمولي لڳي سگهي ٿو، پر اهي پکي اصل ۾ پاڪستان ايئر فورس جي جهاز جي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف دوران گوليون يا ميزائل جھڙي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
توهان جي طرفان عيد جي موقعي تي نظرانداز ٿيندڙ ھي معاملو حقيقت ۾ هڪ ناقابل تلافي عمل آهي جنھن سان پاڪستان ايئر فورس جي اثاثن ۽ قيمتي انساني جانين کي خطرو ٿي سگھي ٿو. پيغمبر محمد ﷺ جي سنتِ جي تعليم اسان کي سماج ۾ انسانن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ سيکاري ٿي، پر هي غير ذميوارانه عمل بي شڪ انسانيت ۽ ديني تعليمات جي خلاف آهي.
پاڪستان ايئر فورس جون ايئر بيسز ۽ ايئر پورٽس سڀ کان وڌيڪ حساس هوائي زون آهن، جتي جهازن جي ھيٺين سطح جي پرواز معمول جو حصو آهن ۽ هڪ ننڍڙي لاپرواهي هڪ وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙن هنڌن تي سخت قانون، سيڪيورٽي سسٽمز ۽ مسلسل نگراني جو نظام موجود آهي. اسان کي به اھڙي شعور ۽ نظم و ضبط جي ضرورت آهي. توهان ضرور اھو سوچي رهيا هوندا ته ان حوالي سان توهان جو رويو ۽ رد عمل ڇا هجڻ گهرجي؟
ايئرپورٽس، پاڪستان ايئر فورس جون ايئر فيلڊز ۽ بيسز جي ويجهو رهندڙ عوام تي ٻٽي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي آس پاس جي ماحول کي صاف رکن، ٺاهيل قانونن تي عمل ڪن ۽ مقامي حڪومتي کاتن سان بروقت رابطي ۾ رهي پنهنجي علائقي جي صفائي کي يقيني بڻائين. خاص طور تي، قرباني ڪيل جانورن جي باقيات مخصوص ڪيل هنڌن تي اڇلائڻ گهرجي يا زمين ۾ دفن ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه، غير ضروري کاڌي ۽ گندگي وغيره کي هوائي اڏن جي حدن کان پري مقرر ڪيل هنڌن تي اڇلائڻ گهرجي. هڪ قوم جي حيثيت سان اھا اسان جي ذميواري آهي ته هوائي اڏن جي ويجهو کاڌي پيتي جون شيون اڇلائڻ کان پاسو ڪريون ۽ جيڪڏهن ڪو مئل جانور نظر اچي ته فوري طور تي پي اي ايف بيس اختيارين يا مقامي ضلعي انتظاميه کي اطلاع ڏيون. انهن احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪري اسان نه رڳو پاڪ فضائيھ جي جهازن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهون ٿا،بلڪھ مادر وطن جي دفاع ۾ پڻ حصو وٺي سگهون ٿا. هي عمل نه رڳو سماجي طور تي مثبت ثابت ٿيندو بلڪھ فرزندانِ توحيد پاران سنِت ابراهيمي جي ادائيگي سان گڏ انهن کي هڪ ذميوار قوم پڻ ثابت ڪندو.