پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ تازي جنگ ۽ ان کانپوءِ ٿيل جنگبندي کانپوءِ وري ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن، جنگ جي اصل سببن ۽ ٻنھي ملڪن جي فوجي ۽ معاشي پوزيشن سميت جنگ جي سببن کي ختم ڪرڻ بابت بحث شروع ٿي ويو آھي.آمريڪا جي مداخلت تي ٿيل جنگ بندي ۽ پاڪستان کي جنگي ۽ سفارتي ميدان ۾ مليل برتري بعد ھندستان ۽ پاڪستان پنھنجا پنھنجا سفارتي وفد جوڙي انھن کي دنيا جي ملڪن ڏانھن موڪليو آھي،جن جو ڪم پنھنجي ملڪ جي پاليسين ۽ سندن ملڪ سان ٻئي ملڪ جي ڪيل زيادتي بابت دنيا کي آگاھ ڪرڻ ۽ سندن کنيل قدمن تي سفارتي دنيا کي پنھنجي حق ۾ ڪرڻ آھي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايس آءِ ۽ را گڏجي انهن (دهشتگرد) قوتن سان وڙهڻ لاءِ ڪم ڪن ته پوءِ هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ دهشتگردي ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگھي ٿي.ھو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ڪري رھيو ھو. پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ اسان اڄ به چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پر اسان سڀني محاذن تي دهشتگردي سان وڙهندا رهيا آهيون.هن چيو ته هندستاني ڌر دهشتگردي بابت پاڪستان جي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به رضامندي نه ڏيکاري آهي. جيڪڏهن توهان هندستان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي تعداد جو مقابلو ڪريو ٿا، ته بدقسمتي سان، هندستان کان پاڪستان ۾ وڌيڪ دهشتگرد حملا ٿين ٿا.هن جو اھو بھ چوڻ ھو تھ جيڪڏهن توهان پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي تعداد جو مقابلو ڪريو ٿا، ته هندستان ۾ هندستانين جي ڀيٽ ۾ دهشتگردن جي هٿان وڌيڪ پاڪستاني ماريا وڃن ٿا.حقيقت ھي آهي ته الزام ھڻڻ ۽ ان جي جواب ۾ الزام ھڻڻ کان بھتر ۽ اثرائتو عمل اھو ھوندو تھ پاڪستان ۽ ھندستان گڏجي ڪري دھشتگردي خلاف ڪم ڪن.هن تجويز ڏني تھ جيڪڏهن آءِ ايس آءِ ۽ را گڏجي ويهن ۽ انهن قوتن سان وڙهڻ لاءِ ڪم ڪن، ته ٻنهي ۾ دهشتگردي ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ ايندي. ھن وقت پاڪستان سڀئي ڪارڊ ميز تي رکڻ لاءِ تيار آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان چئي رهيا آهيون ته اچو ته دهشتگردي، ڪشمير ۽ پاڻي بابت ڳالهايون، اچو ته امن قائم ڪريون، اسان ڪنهن به جاچ کان نٿا ڪيٻايون.سندس چوڻ ھو تھ حقيقت ۾ بين الاقوامي قانون تحت ڪا به قانوني ذميواري نه هجڻ جي باوجود، اسان پاڻ کي بين الاقوامي احتساب لاءِ پيش ڪيو ،ڇاڪاڻ ته اسان کي يقين هو ته اسان جا هٿ صاف آهن.پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه چيو ته صرف هڪ ملڪ آهي جيڪو ڳالهين کان ڀڄي رهيو آهي، جاچ کان ڀڄي رهيو آهي، بين الاقوامي قانون کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.
اسين سمجھون ٿا تھ پاڪستان سفارتي مشن جي قيادت ڪندڙ نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالھھ ھر طرح سان مثبت آھي.ڪيتريون بھ تلخيون ڇو نھ ھجن پر مسلسل ڳالھين سان اھي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.ھن وقت ننڍي کنڊ جي ٻنھي ايٽمي طاقتن وچ ۾ تازي لڙائي ۽ سيز فائر ٿيڻ بعد بھ خطي جي وڏي ملڪ جو ضد اھو خطرو پيدا ڪري رھيو آھي تھ ھن علائقي جي ماڻھن جون زندگيون خطري کان خالي نھ آھن.ٻنھي ملڪن کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ خطي توڙي دنيا جي لاءِ ُپرامن رھي ڪري ئي ترقي ڪري سگھجي ٿي.ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي تھ التوا ۾ پيل معاملن کي حل ڪري اڳتي وڌجي. ھاڻي وقت بدلجي ويو آھي،ڪنھن بھ سازش سان وقتي طور دوکو ڏيڻ ممڪن آھي پر ڪروڙين انسان جي بقا صرف ئي صرف امن ۾ ئي لڪيل آھي.نھ رڳو اھو پر ھن کان اڳ ھندستان پاڪستان جي پاڙيسرين جيان ُپرامن رھندي اڳتي وڌڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر ھندستان ان جو تاحال مثبت جواب نھ ڏنو آھي. جيڪڏهن هڪ طرف هن ماحول ۾ امن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي ھا.
تازي جھڙپ ۾ جيتوڻيڪ ھن ڀيري پاڪستان کي مجموعي طور تي برتري حاصل رھي آھي.ان ھوندي جنگ جي ماحول باوجود، پاڪستاني ميڊيا سامھون کان ڪيل وڌاءُ،ڪوڙ ،فيڪ نيوز ۽ نعريبازي باوجود ڪنھن اٻھرائي جو مظاھرو نھ ڪيو.جنھن سان ملڪي توڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي سنجيدگيءَ وارو رويو نمايان نظر آيو آھي. هندستاني اڳواڻ ھاڻي ڪيتري به وضاحت ۽ دعويٰ ڪن ته پاڪستان جنگ بندي لاءِ دوست ملڪن، آمريڪا سان رابطو ڪيو هو، پر حقيقت کي وساري نٿو سگهجي ته ٽرمپ جي جنگ بندي جي اعلان وقت، هندستان فوري ۽ مڪمل جنگ بندي تي راضي ٿي ويو هو.اجائي ضد ۽ جذباتيت سان دنيا ۾ پنھنجي جاءِ نٿي جوڙي سگھجي.ان ڪري بھ پاڪستان کي ھندستان کي برتري حاصل ٿي.
پاڪستان کي سفارتي ميدان ۾ بھ برتري حاصل ٿي آھي ۽ ھاڻوڪي فوجي جھڙپ، سيزفائر ۽ پيدا ٿيل صورتحال سان عالمي دنيا جو ڌيان ڪشمير ڏانھن بھ ڇڪايو ويو آھي.جنھن ڪري پاڪستان جي ھن ڀيري واري سرسي ھندستان کان ھضم نھ ٿي رھي آھي.هن ڀيري پاڪستان امن جي ڳالهه ڪئي. اشتعال کان پاسو ڪيو .هندستان پهرين حملو ڪيو، جنهن پاڪستان کي دفاعي اختيار ڪرڻ جو موقعو ڏنو.اھو عالمي قانون آھي تھ دنيا جو ڪو به ملڪ هڪ مڙهيل جنگ ۾ پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو.اھو ئي سبب آھي جو دنيا ۾ پاڪستان جي ڳالھھ، موقف کي تسليم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هندستان ۾ نريندر مودي خلاف سياسي احتجاج ٿي رهيا آهن.اھو درست آھي تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ عرصي کان پيدا ٿيل تلخين کي ماٺو ڪرڻ جي لاءِ پھرين اعتماد جي فضا قائم ڪرڻي پوندي.جنھن بعد معاملي کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.ٻنھي ملڪن جي ڳجھن ادارن کي رابطي ۾ رھندي ھڪ ٻئي جي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ امڪاني دھشتگردي جي چرپر بابت آگاھي ڏئي ڪري معاملن کي بھتر انداز ۾ منھن ڏئي سگھجي ٿو.