ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ صبح هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
موسميات کاتي مطابق اڄ صبح ڪراچي ۾ ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، پهريون لوڏو صبح 4 لڳي 46 منٽن تي رڪارڊ ٿيو، جنهن جي شدت 2.7 هئي ۽ اونهائي 2 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڊفينس جي ڏکڻ ۾ 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هو.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته زلزلي جو ٻيو لوڏو صبح 7 لڳي 58 منٽن تي رڪارڊ ٿيو، جنهن جي شدت 1.8 ۽ اونهائي 8 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ملير جي اتر اولهه ۾ لڳ ڀڳ 7 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هو.
ان حوالي سان چيف ميٽرولاجسٽ امير حيدر لغاري چيو ته پهرين جون کان هيل تائين ڪُل 32 زلزلي جا لوڏا رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي سڀ ننڍي پيماني جا هئا، زلزلي جي گهٽ ۾ گهٽ شدت 1.5، جڏهن ته وڌ کان وڌ شدت 3.6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like