وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عمري جي سعادت ماڻي ورتي، مسلم امت لاءِ دعائون

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وفد سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي آهن، جتي هنن عمري جي سعادت ماڻي.
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل گذريل رات عمري جي سعادت حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد لاءِ ڪعبت الله جو خاص دروازو کوليو ويو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل وفد سان گڏ ڪعبت الله ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون.
وفد مسلم امت، خاص طور ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن لاءِ به دعائون گهريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.