چين جي پاڪستان کي ففٿ جنريشن J-35 اسٽيلٿ جهاز ۽ HQ-19 دفاعي نظام ڏيڻ جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ففٿ جنريشن J-35 اسٽيلٿ جهاز ۽ جديد ترين HQ-19 دفاعي نظام ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.
پاڪستان حڪومت جي سرڪاري اڪائونٽ تان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ حاصل ڪيل سفارتي ڪاميابين جي سلسلي ۾ ڄاڻايل آهي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ڪيتريون ئي اهم سفارتي ڪاميابيون ماڻيون آهن، جن ۾ چين پاران 40 ففٿ جنريشن J-35 اسٽيلٿ جهاز، KJ-500 اواڪس ۽ HQ-19 دفاعي نظام جي آڇ شامل آهي.
گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته چين پاران 3.7 ارب ڊالر قرض جي ملتوي ٿيل ادائيگي به شامل آهي، جڏهن ته هواوي ڪمپني جي سهڪار سان هڪ لک پاڪستانين کي مصنوعي ذهانت (AI) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (IT) جي شعبي ۾ تربيت ڏني ويندي.
پاڪستان حڪومت مطابق آذربائيجان 40 پاڪستاني JF-17 جهاز خريدڻ لاءِ 2 ارب ڊالر سيڙپڪاري ۽ 4.6 ارب ڊالر جي دفاعي معاهدي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران ۾ واپار 3 کان 10 ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.