واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توڙي جو پاڪستان دهشتگردي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر ڳالهين ۾ مک مسئلو ڪشمير جو هجڻ گهرجي.
هن خبردار ڪيو ته ڀارت دهشتگردي کي فوجي ڪارروائي جي جواز طور استعمال ڪري خطي لاءِ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪري رهيو آهي، جيڪو سڄي خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري سگهي ٿو.
You might also like