ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي خاص معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صوبائي گهرو کاتي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه قيدين لاءِ خاص معافي جو اعلان ڪيو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته عام قيدين کي 120 ڏينهن جي خاص معافي ڏني ويندي، جڏهن ته قتل، دهشتگردي، ريپ، اغوا ۽ مالي بدعنواني ۾ ملوث قيدين کي معافي نه ملندي.
نوٽيفڪيشن موجب موت جي سزا جي قيدين، منشيات، فارن ايڪٽ، جاسوسي جي ڪيسن ۾ سزا يافته قيدين کي به رعايت نه ملندي.
You might also like