تازو پيڪا ترميمي ائڪٽ سال 2025Prevention of Electronic Crimes Act, جو مقصد آن لائين ٿيندڙ ڏوهه مُلڪ ڪمزور طبقن جي حراسمينٽ هو جنهن ۾ ننڍن ٻارن توڙي عورتن جي هراسمينٽ کي جواز بڻايو ويو هو.پر ڏسندي ئي ڏسندي هي هن جو استعمال چاهيندي ۽ نه چاهيندي ان خلاف شروع ڏينهن کان تحريڪ هلائيندڙ صحافين اديبن ، سول سوسائٽي جي سرگرم ڪارڪنن خلاف ئي شروع ٿي ويو.
تازو ڪنڌڪوٽ تنگواڻي ۾ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ سول سوسائٽي سرگرم سياسي ڪارڪنن ،صحافين خلاف پيڪا ائڪٽ تحت پوليس ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ان ايف آءِ آر تي سنڌ جي صحافتي سياسي ڌرين جو سخت موقف آڏو آيو آهي ڪنڌڪوٽ جي صَحافين سَميت 28 ماڻھن تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيو آهي. ايس ايس پي ڪشمور کي ڪُوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بَدران ضلعي ۾ اَمُن اَمان بَحال ڪرائڻ گهرجي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تنگواڻي ٿاڻي تي ھِڪ اي ايس آءِ رحم علي چولياڻي جي فرياد تي پيڪا ايڪٽ تحت ھِڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪنڌڪوٽ جي ٻن سِينيئر صَحافين حفيظ ملڪ ۽ علي اڪبر بنگوار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي
تنگواڻي جي چئن صَحافين عطا حسين ملڪ، عبدالباري ملڪ، لُطف سنڌي، ۽ عطاءُ الرحمان ملڪ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي، باقي جوابدارن ۾ رحمدل لاشاري، قاري ڪفايت الله کوسو، رضا نوناري، وقار احمد، سُبحان ملڪ، آفتاب باجڪاڻي، اسرار باجڪاڻي، مُحمد اقبال ملڪ، مُحمد علي سنڌي ڏاھاڻي، مير حسن سرڪي، امداد لاشاري، سليمان بکراڻي، اعجاز ملڪ، احمد لاشاري، عبدالرزاق نندواڻي، مُختيار گجراڻي، بخت علي ڏاھاڻي، سھراب سنڌي، فضل الرحمان کوسو، مُحمد ھارون نندواڻي، مسعود باجڪاڻي ۽ عيدن ڏاھاڻي شامل آھن. اھڙي طرح ڪيس ۾ ٻن ڀائرن مُحمد علي ڏاھاڻي ۽ بخت علي ڏاھاڻي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي. قاري ڪفايت الله سان گڏ سندس پُٽ فضل الرحمان کي پِڻ جوابدار ڄاڻايو ويو آھي ذڪر ڪيل سَڀ صَحافي، سياسي سَماجي ڪارڪُن، اڳواڻ، مذھبي ڪارڪُن ۽ سوشل ميڊيا جا سرگرم ڪارڪن آهن
جَن تي الزام ھنيو ويو آھي ته اُنھن ڊيره سرڪي ٿاڻي جي حد ۾ ٽن ڪوچن کي يَرغمال بڻائي ٽي چار سئو ماڻھن کان ڦُر جي ڪُوڙي خبر ھلائي ڇَڏي جڏھن ته اھڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آھي ۽ ڪو به مُتاثر ٿاڻي تي نه پُھتو آھي ٻئي طرف حقيقت ھِيءَ آھي ته ڦُر جو اُھو واقعو پيش آيو ۽ نه ته اُھا خبر ڪُوڙي آھي، ۽ نه ئي وري اُھو ڪُوڙ آھي ته سَڄي پاڪستان ۾ اَمُن اَمان جي سَڀ کان خراب حالت ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي آھي. ماڻھو ھاڻي ڪشمور ، ڪنڌڪوٽ کي بيروت بڻايو ويو آهي۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ تي وري ڏوھارين، ڌاڙيلن، ڦورون، چورن، ڌاڙيلن حوالي ڪيو آهي، جَن جي آڏو پوليس ڄڻ بيوس بڻيل هجي، مونکي هڪ دوست ٻڌايو ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا ماڻهو اهم خريداري ڪرڻ لا سکر ايندا آهن لاڙڪاڻو ڊويزن کين تمام گهڻو پري پوندو آهي اسين جڏهن به سکر ايندا آهيون يا واپس ويندا آهيون ته گهر پهچن تائين اسان جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي کي بدامني جي باهه مان ڪڍڻ لاءِ سرڪار وٽ حڪمت عملي هئڻ گهرجي ان کي وقت جي سرڪارن ڀارت کان ڪشمير حاصل ڪرڻ جيترو ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي امن قائم ڪرڻ واري مسئلي کي سياسي سماجي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ سان حل نه ٿو ڪري سگهجي اھڙي صُورتحال ۾ صَحافين، سياسي سَماجي ڪارڪُنن ۽ سوشل ميڊيا ورڪرن تي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ آر ڪٽڻ ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف عمل ٿيندو ان قسم جا ڪيس اول ته ٿيڻ نه گهرجن جيڪڏهن ٿين ٿا ته هڪدم ختم ٿيڻ گهرجن پيڪا ائڪٽ خلاف اڳ ئي سموري پاڪستان ۾ هڪ تحريڪ هلندڙ آهي جيڪو تڪراري آهي ته پيڪا ائڪٽ کي هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي پيڪا ائڪٽ اظهار جي آزادي جي ابتڙ آهي
ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي امن قائم ڪرڻ واري مسئلي کي سياسي سماجي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ سان حل نه ٿو ڪري سگهجي اھڙي صُورتحال ۾ صَحافين، سياسي سَماجي ڪارڪُنن ۽ سوشل ميڊيا ورڪرن تي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ آر ڪٽڻ ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف عمل ٿيندو ان قسم جا ڪيس اول ته ٿيڻ نه گهرجن جيڪڏهن ٿين ٿا ته هڪدم ختم ٿيڻ گهرجن پيڪا ائڪٽ خلاف اڳ ئي سموري پاڪستان ۾ هڪ تحريڪ هلندڙ آهي جيڪو تڪراري آهي ته پيڪا ائڪٽ کي هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي پيڪا ائڪٽ اظهار جي آزادي جي ابتڙ آهي