ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ امن امان جي اميد رکي شھرين جو اٺين ڏينهن تي به آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي شھر جي دل گھنٽا گھر چوڪ کان سوين شھري امن جو جھنڊو کڻي موبائل فونن جون ٽارچون ٻاري امن ڏيو، امن جي ڌرتي امن ٿي چاھي جا نعرا ھڻندي امن جا گيت ڳائي پريس ڪلب پھتا انھي موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي،غلام مصطفيٰ ميراڻي،سجاد بروھي،والي ڏنو سنڌي، شاھنواز مرهٽو، اصغر شيخ، اشوڪ ڪمار سونارو، انجينئر ڪمار موٽواڻي، شعبان جکراڻي ۽ ٻين چيو ته روز قتل عام، ڦرلٽ، ڀتاخوري لاءِ گھرن ۽ دوڪانن تي حملا ٿين پيا اڄ به ھڪ قتل ڪيترين ئي گاڏينکان ڦر ۽ شھر ۾ ھڪ گھر تي ڀتي لاءِ در تي فائرنگ ڪئي وئي پر پوليس جو ڪم زيرو آهي،هنن چيو ته اسين ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪري رھيا آهيون پر حڪمران، وس وارا، پوليس انتظاميا مڪمل گونگا ٻوڙھا ٿيل آهن اسين ھاڻي بدامني کان تنگ ٿي ويا آهيون عيد کان پوءِ سنڌ کان پنجاب ويندڙ روڊ بند ڪنداسين فوجي آپريشن شروع ڪيو وڃي،
-
”ڪشمور ضلعي جو امن بحال ڪريو“ غوثپور ۾ اٺين ڏينهن به مشعل بردار ريلي
غوثپور(ن ع آ)غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ وڌنڌڙ بدامني جي خلاف آل پارٽيز موومينٽ ۽ ھندو پنچايت جي سڏ تي شھر جي مختلف سياسي سماجي حلقن طرفان ڪالهه اٺين ڏينھن به امن جي بحالي لاءِ مکي محلي کان ھٿن ۾ مشعلون روشن ڪري ۽ موبائيلن جون ٽارچون ٻاري ھڪ وڏي ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ "ڪشمور ضلعي جو امن بحال ڪريو جا نعرا لڳايا ويا، ريلي جي قيادت جي يو آءِ اڳواڻ مولانا جمالدين، ايس ٽي پي اڳواڻ شيرزمان بجاراڻي، ايس يو پي اڳواڻ صفيع لاشاري، ھندو پئنچايت اڳواڻ چوڌري رميش لال، وڪيل اڳواڻ خليل احمد اوڳاھي، اسدالله اوڳاھي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته امن جا اڇا جھنڊا ۽ مشعلون کڻي سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ علائقي جي چونڊيل ميمبرن کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا آھيون ته خدا جي واسطي اسان جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته امن ڏيو، امن ڏيو، اسان کي عزت سان جيئڻ جو حق ڏيو، پوليس جا حال اھي آھن جو روز ڪشمور ۾ ڌاڙيلن ھٿان ڪونڌر ڪسجي رھيا آھن، ڪير به مالڪي نٿو ڪري،اڳواڻن پنھنجي ان عزم کي ورجايو ته امن جي بحالي لاءِ اسان جي پر امن جدوجھد جاري رھندي ۽ عيد کانپو۽ تحريڪ کي تيز ڪبو۔