لاهور (م ڊ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سوشل ميڊيا تي رياست خلاف مبينا پروپيگنڊا جي الزام هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان، صنم جاويد، فلڪ جاويد ۽ يوٽيوبر آفتاب اقبال کي طلب ڪري ورتو. اين سي سي آءِ اي موجب، انهن خلاف 27 مئي تي انڪوائري شروع ڪئي وئي، جنهن دوران خبر پئي ته هنن مبينا طور تي پاڪ-ڀارت تڪرار دوران رياست مخالف مواد پکيڙيو. چئني شخصيتن کي 5 جون تي ذاتي حيثيت ۾ اين سي سي آءِ اي جي لاهور آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي نوٽيس جاري ڪيو ويو. ذريعن موجب جاچ جي سلسلي ۾ وڌيڪ قانوني قدم کنيا ويندا.