حيدرآباد(رپورٽر)سول اسپتال مان 23 مئي تي پوليس پاران شھيد عرفان لغاري جي مڙھه کي کنڀڻ سان گڏ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد, فتاح چنا ۽ سورهيه سنڌي سميت قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ايڊووڪيٽ محب آزاد جي مدعيت ۾ حيدرآباد جي ايس پي ڪمپلينٽ سينٽر، ڊي ايس پي سي آءِ اي افتخار ٻُرڙي، ايس ايڇ او مارڪيٽ منير عباسي، ايس ايڇ او ھٽڙي فاروق راھپوٽي، ايس ايڇ او ڪينٽ رئيس خانزادي، ايس ايڇ او ڀٽائي نگر عباس ٻٻر، ايس ايڇ او سٽي حيدرآباد غلام حيدر شاھاڻي، ايس ايڇ او انور خانزادي، ايس ايڇ او راھوڪي قربان عاقلاڻي، اي ايس آءِ مظھر پنھور سميت 190 کان مٿي پوليس اھلڪارن مٿان 22 اي بي جي ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آھي، جنھن تي عدالت سمورن پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي 5 جون تي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 1 ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آھي. ھن ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ محب آزاد ڪمپليننٽ ۽ سندس وڪيلن ۾ اسرار چانگ، ممتاز اعواڻ، ڌڻي بخش سولنگي، ذوالفقار ٿيٻو، زبير کھاوڙ، سرمد چانڊيو, جاويد ميمڻ ۽ ٻيا شامل آھن.