اسلام آباد(اسدطور)ناليواري ليکڪ اياز امير چيو آھي تھ سي پي اين اي جيڪو ڪتابچو شايع ڪيوآھي پاڪستان اندر ميڊيا جي ڪا آزاد حيثيت ناھي رهي، پاڪستاني جمھوريت بھ پڪي زمين ۾ کتل ناھي.1947 کان اڄ تائين ھي ڪو اھڙو قلعو ناھي جنھن جون ڀتيون نھ لڏنديون ھجن. پاڪستاني جمھوريت موسم جي تابع آھي.سياسي موسم بدلجڻ سان پاڪستاني جمھوريت جو انداز مٽجي وڃي ٿو.ان سان ميڊيا جو اسپس بھ تبديل ٿي وڃي ٿو،هن چيو ته 1988 کان 1990 تائين ميڊيا اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪي اسان جا محترم يا جن کي خفيھ چئجي انھن جو تمام وڏو ڪمال ھيو.1988 ۾ مقصد اھو ھيو تھ بينظير جي حڪومت کي خراب ڪرڻو آھي. ان ۾ صدر اسحاق ۽ ان وقت جو آرمي چيف ملوث هئا، هن چيو ته ھڪ وقت ھيو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو ذڪر تنقيدي زاوي ۾ نھ ڪري سگھبو ھيو، تازي ڳالھھ آھي جو ريئل اسٽيٽ جي گاڊ فادر(ملڪ رياض) جو ميڊيا ۾ ذڪر نھ ڪري سگھبو ھيو ھاڻي ڪجھھ موسم تبديل ٿيو آھي.هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻھ وڏا سانحا ٿيا آھن ذوالفقار ڀٽو ۽ عمران خان.ٻئي بنيادي تبديلي آڻي پئي سگھيا ساڍن ٽن سالن ۾ عمران اھو موقعو وڃائي ڇڏيو.فيض حميد جي باري ۾ سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ عمران خان ڇو هن تي ايترو ڀاڙيندو ھئو،هن چيو ته ھن وقت مائڪرو مئنيجمينٽ ٿي رھي آھي پھريون تعلقن ضلعن ۾ اھڙي قسم جي مداخلت نھ ٿيندي ھئي،هتي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿئي ٿي، عدليه جو ھي حال ڪري ڇڏيو اٿن سياست غير ضروري ٿيندي پئي وڃي منھنجي راءِ ۾ ميڊيا کي ڪجھھ ڪرڻ گھرجي