موري واقعي خلاف وڪيلن جو گهرو وزير جي آفيس آڏو ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) مورو واقعي خلاف سنڌو انڊس لائر فورم جي سڏ تي وڪيلن پاران گهرو وزير جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، خان محمد شيخ، سمير زمان، قيصر پروين سميت ڪيترن ئي سينيئر وڪيلن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري وڪيلن کي سنڌ سيڪريٽريٽ ڀرسان روڪيو، ڪنٽينر لڳائي رستا بند ڪيا ويا. پوليس پاران وڪيلن کي اردو بازار چوڪ وٽ روڪيو ويو، جتان اڳتي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. وڪيل اڳواڻن پاران مطالبو ڪيو ويو ته مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، مارجي ويل نوجوانن عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي قتل جي ايف آءِ آر سندن وارثن جي مرضي سان داخل ڪئي وڃي. بجار لغاري ڳوٺ مان ڪرفيو ختم ڪري موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڳوٺاڻن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري، بيگناهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مورو سان لاڳاپيل نوجوانن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. وڪيلن واضح ڪيو ته جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا، احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.