سياست ذاتي دشمني تي لهي آئي آهي: مرتضيٰ جتوئي

نوشهرو فيروز (عوامي آواز نيوز) نوشهروفيروز سيشن عدالت اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور جتوئي جي لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ٻنهي اڳواڻن جي 40-40 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت قبول ڪندي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ساڳي وقت، غلام مرتضيٰ جتوئي مورو ٿاڻي جي بلاول زرداري قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيو، پر جج جي موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ٿي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي الزام هنيو ته حڪومت سياسي انتقام وٺڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هن چيو ته 2008 کان پوءِ پيپلز پارٽي مافيا بڻايو ويو آهي، جيڪا سياسي مخالفن کي دشمن سمجهي ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته سياست هاڻ ذاتي دشمني تائين لهي آئي آهي. اسان هميشه سياسي مخالفت کي سياسي انداز سان ورتو آهي، پر پيپلز پارٽي وارن روايت ئي بدلائي ڇڏي آهي. جمهوريت ۾ ائين ناهي ٿيندو، ائين ته صرف آمريت ۾ ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.