حڪومت اعتماد جي نئين منزل تي پهتل؟

اسلام آباد(طلعت حسين)گذريل ڏينھن وزيراعظم صحافين سان ملاقات ڪئي ان ملاقات ۾ اسحاق ڊار،رانا ثناالله، خواجھ آصف، عطا تارڙ موجود ھيو.ان ملاقات جي سمري رکجي ٿي ھڪ تھ حڪومت اعتماد جي نئين منزل تي آھي.اھو بھ اعتماد اٿن تھ اندروني طور تي رڳو دھشتگردي ۽ معيشت جو چئلينج کين آھي.فوج سان سندن لاڳاپا عروج تي آھن ۽ اپوزيشن وٽ ڪا حڪمت عملي ناھي بچي. جو کين حڪومت ڪرڻ جو ڊپ ھجي.جنگ جا جيڪي فائدا ٿيا آھن آھي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ھر ھنڌ ميڙيندي نظر اچي ٿي. پرڏيھي محاذ تي به نئون اعتماد اڀريو آھي.آمريڪا سان بھ ناتا تمام گھڻا ھاڪاري ٿي ويا آھن. ٽرمپ پاران جيڪو موقعو ڏنو ويوآھي ان مان فائدو کڻڻ گھرجي. افغانستان سان بھ ناتا بھتر ٿي ويا آھن جڏه ته ھندستان سان ڪشمير ۽ سنڌ طاس معاهدي تي ڳالھيون ٿينديون تنھن بعد ئي واپار تي ڳالھيون ٿينديون.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 04 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.