ڊگهي لوڊشيڊنگ اجتماعي سزا ڏيڻ برابر آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سائيٽ انڊسٽريز ايسوسيئيشن جي آفيس جو دورو ڪري صنعتڪارن ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي سمجهنديءَ آهي ته ڪاروباري برادري پاڪستان جو اثاثو آهي، پيپلز پارٽي ڪاروبار دوست پاليسيونٺاهيندي آهي. ڪراچي جي هيوي ٽريفڪ جو حل ناردرن باءِ پاس آهي، پوري سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ آهي، ڪراچي کان ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو اجتماعي سزا ڏين ٿا، جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ بل نه ٿو ڏي ته ان جي سزا سڀني کي ڇو ٿي ملي، سنڌ ۾ هن وقت گرمي ۾ به 16، 16 ڪلاڪ بجلي بند آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڌرڻو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، ڌرڻو ڪلچر ملڪ جي عوام کي نقصان پهچائيندو آهي، آئيني طريقيڪار تحت احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، ان موقعي تي هن سائيٽ ايريا جي روٽس تي بسون هلائڻ جو به اعلان ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.