پيٽروليم شين تي ڪاربن ليوي هڻڻ جو امڪان، مهانگائي جو انديشو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين تي ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن سان مهانگائي جو انڊيشو آهي. مالي سال 2025-26 جي وفاقي بجيٽ ۾ اڍائي رپيا فيليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪري سگهجي ٿي. ذريعن موجب ٻئي سال ڪاربن ليوي وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪئي ويندي. ڪاربن ليوي مان 45 ارب رپيا حاصل ڪيا ويندا، مالي سال 2027 دوران ڪاربن ليوي جي آمدني ٻيڻي ٿي ويندي. ان سان تيل اگهن ۾ واڌ جو خدشو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪاربن ليوي پي ڊي ليوي سان ئي لاڳو ڪئي ويندي. في ليٽر اڍائي رپيا ڪاربن ليوي کي گرين بجيٽنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

  1. غزا ۾ امداد وٺندڙماڻهن تي اسرائيلي بمباري،58 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وحشيانه بمباريءَ سبب وڌيڪ 58 بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا، اطلاعن موجب، اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، جتي فوج امداد وٺندڙ عام شهرين تي به بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ انساني جانين جو ضايع ٿيون، ٻئي طرف، گڏيل قومن اسرائيلي فائرنگ هيٺ آيل امدادي مرڪزن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته امدادي ادارن بک ۽ اڃ ۾ ورتل فلسطيني عوام تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، امدادي ڪاررواين لاءِ خوراڪ جي عالمي اداري غزا تائين فوري رسائي جي اجازت گهري آهي، ته جيئن متاثر ٿيندڙن تائين مدد پهچائي سگهجي، ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم اسٽارمر به بيان ڏنو آهي ته غزه جي صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، ۽ امداد جي مڪمل ۽ بي رنڌڪ رسائي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.

  1. مصطفيٰ قتل ڪيس: جوابدار جي غير حاضري تي عدالت پاران ڪاوڙ ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان جي غير حاضري تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. عدالت سوال ڪيو ته جوابدار پيش ڇو نهٿيو؟ عدالتي عملي ٻڌايو ته نوٽيس سينٽرل جيل موڪليو ويو هو، پوءِ به حاضري نه ٿي. جسٽس عقيل احمد عباسي ريمارڪس ڏنا ته سوشل ميڊيا پوسٽن کان نه گهٻرايو، اسان ڪيس جي ميرٽ تي ڳالهه نه پيا ڪريون. عدالت اڳوڻي اي ٽي سي  جج سيد ذاڪر حسين بابت هاءِ ڪورٽ جي سخت ريمارڪس تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته وڪيل چاهين ته اهي ريمارڪس حذف ڪيا وڃن. فريادي جي وڪيل چيو ته رمارڪس سان متفق ناهيون. عدالت وقتي پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي کي ذاتي حيثيت ۾ 5 جون تي طلب ڪيو. وڪيل چيو ته جج جو موقف ٻڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ آئين جي آرٽيڪل 10A جي ڀڃڪڙي آهي.

  1. ڪراچي-حيدرآباد موٽروي جي حالت خراب هجڻ باوجود ٽول ٽيڪس ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ملڪ جي مختلف موٽر ويز تي گاڏين لاءِ ٽول ٽيڪس وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نئين ٽيڪس موجب ڪراچي کان حيدرآباد تائين ڪارن لاءِ ٽول ٽيڪس 550 رپيا ۽ ڪوسٽرن يا مني بسنلاءِ 1200 رپيا مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوچن، بسن، ايڪسل ٽرڪن ۽ آرٽيڪيوليٽيڊ ٽرڪن لاءِ به شرح وڌائي وئي. اسلام آباد کان پشاور، لاهور کان عبدالحڪيم، پنڊي ڀٽيان کان ملتان، ملتان کان سکر، ڊيرا اسماعيل خان کان هڪلا ۽ لاهور کان اسلام آباد تائين به ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي. شهرين طرفان ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي جي خراب حالت باوجود ٽيڪس ۾ واڌ تي سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي، جتي روڊ جي مرمت نه ٿيڻ باوجود عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.