عوامي راڄ تحريڪ جو اڳواڻ وڪيل راشد علي چانڊيو فائرنگ ۾ زخمي

ڪراچي اوڀر(ن ع آ) سچل ڳوٺ ۾ عوامي راڄ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ راشد علي چانڊيو تي هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. ايڊووڪيٽ راشد چانڊيو هوٽل تي ويٺل هو ته ان دوران موٽرسائيڪل تي سوار 6 هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي. زخمي راشد علي چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور تي ڊائو اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن سچل ٿاڻي تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ پوليس طرفان جاچ شروع ڪئي وئي. واقعي کانپوءِ وڪيل برادري ۽ عوامي راڄ تحريڪ پاران حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن طرفان سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي ڪراچي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او سچل کان مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون آهر سخت سزا ڏني وڃي، جيئن اهڙن حملن جو خاتمو آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.