ڪراچي(رپورٽر) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جعلي ۽ گوسڙو ملازمن جي نشاندهيءَ لاءِ سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين سميت سڀني يوسيز ۾ ملازمن جي حاضريءَ لاءِ 3 مهينن اندر بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جو بلديات کاتي کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پي اي سيءَ آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ ۽ شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرائڻ تي چيف آفيسر، چيف ميونسپل آفيسر ۽ 5 ٽائون آفيسرن سميت بلديات کاتي جي 7 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، مخدوم فخرالزمان، طاحه احمد سميت بلديات کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٽائون آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلديات کاتي جي حيدرآباد ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو ۽ ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي تصديق جو ڪم ڪٿي پهتو؟ ۽ ڪيترا ملازم جعلي ۽ ڪيترائي گوسڙو سامهون آيا آهن؟ جنهن تي بلديات کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪنول نظام ڀٽو پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي تصديق جو ڪم جاري آهي ۽ اڃان تائين اِهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جا ٽوٽل ڪيترا ملازم آهن، ان موقعي تي پي اي سي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرائڻ تي ضلع ڪائونسل ڄامشورو جي چيف آفيسر ڪيلاش ڪمار، ميونسپل ڪميٽي ٺٽيءَ جي چيف ميونسپل آفيسر طارق زنگيجو، ٽائون ڪميٽي ڀان سعيد آباد جي ٽائون آفيسر اصغر ڀنڊ، ٽائون ڪميٽي مانجهند جي ٽائون آفيسر پرويز راهوپوٽو، ٽائون ڪميٽي ٿرڙي محبت جي ٽائون آفيسر ريحان لغاري، ٽائون ڪميٽي پنگريو جي ٽائون آفيسر قربان خواجه کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته پي اي سيءَ آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ٽنڊوالهيار جي ٽائون ڪميٽي سلطان آباد جي ٽائون آفيسر کي به معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سي 2018ع ۾ ٽنڊوالهيار ضلعي جي پيارو لنڊ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لنڊ پاران سرڪاري رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ٽائون ڪميٽي پيارو لنڊ جي ان وقت جي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لنڊ تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.