ملير جيل مان قيدي ڀڄڻ جو ڪيس داخل، آءِ جي جيل هٽايو ويو، جاچ ڪميٽي قائم

 ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جيل ۾ قيدي فرار ٿيڻ جي واقعي بعد حڪومت آءِ جي جيل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جيل، جيل سپرنٽنڊنٽ سميت ٻين آفيسرن کيمعطل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت ٻه رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ سرڪل نمبر 4 جي قيدين زلزلي جي جهٽڪن بعد بيرڪ جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا، 800 جي لڳ ڀڳ قيدين جيل جي ماڙي واري دروازي کي ٽوڙي ڇڏيو، 216 قيدي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيل پوليس اهلڪارن ۽ جيل جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل مورچن تي ويٺل ايف سي اهلڪارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ قيدي طاهر مارجي ويو.  ٻن ايف سي ۽ ٻن جيل اهلڪارن سميت 4 اهلڪار زخمي پڻ ٿي پيا، جيل پوليس ۽ ايف سي فائرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. جيل مان فرار ٿيل قيدين مان 78 قيدين کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو جڏهن ته 136 قيدين جي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. آءِ جي جيل فرار ٿيندڙ قيدين جيل سپرنٽيڊنٽ سيد ارشد شاهه تي پڻ حملو ڪيو جڏهن ته جيل سپرنٽينڊنٽ آفيس سميت سمورن آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي، واقعي بعد آءِ جيل، گهرو وزير، ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ايسٽ عثمان غني، ڊي آءِ جي جيل حسن سهتو جيل پهچي دورو ڪيو. جڏهن ته جيل جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب پڻ ڪري ورتي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ سنڌ سرڪار آءِ جيل خاناجات قاضي نظير کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو جڏهن ته ڊي آءِ جي جيل خاناجات محمد حسن سهتو ۽ ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي جيل سپريڊنٽ سيد ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملير جيل مان 129 قيدي فرار ٿيا، اهي قيدي ھارڊ ڪور ڏوهاري نه هئا هن چيو ته پوليس انهن قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون وٺي رھي آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ به رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو شامل آهن اها ڪميٽي جلد رپورٽ پيش ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي قيدي 24 ڪلاڪن جي اندر رضاڪاراڻي طور واپس اچن ٿا، انهن خلاف سخت ڪارروائي نه ڪئي ويندي، پر جيڪي قيدي پاڻمرادو واپس نه ايندا، انهن خلاف جيل ٽوڙڻ جي قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويندا، جن ۾ 7 سالن جي قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي هن اهو به واضح ڪيو ته انهن ڪيسن ۾ دهشتگردي  جا قلم به شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته ڀڄي ويل قيدي وڏين سزائن کان بچڻ لاءِ فوري طور پيش پون.  آءِ جيل خاناجات قاضي نظير کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو جڏهن ته ڊي آءِ جي جيل خاناجات محمد حسن سهتو ۽ ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي جيل سپريڊنٽ سيد ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سپرنٽنڊنٽ جيل ذوالفقار پيرزادو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.زلزلو ايندي ئي قيدين جي فرار جو واقعو پيش آيو، جنهن تي داخل ڪيل ڪيس ۾ پوليس سان مقابلو، هٿيار کسڻ ۽ حراست مان فرار ٿيڻ وارا  قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر مطابق، رات جو 12 وڳي ۽ 5 منٽن تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿيا، ان دوران قيدين زور زور سان رڙيون ڪري ٻين قيدين کي ڀڄڻ لاءِ مڇرايو، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن حالتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ايف آءِ آر جي متن موجب، قيدي ٽاور ڏانهن وڌي آيا ۽ هڪ اهلڪار کان هٿيار کسي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن سبب اسپتال، مين گيٽ ۽ ٻين جيل جي ملڪيتن کي نقصان پهتو. ايف آءِ آر ۾ اهو به لکيل آهي ته قيدين جي فائرنگ سبب ڪي اهلڪار زخمي به ٿيا. ان افراتفري جي صورتحال مان فائدو وٺي 128 قيدي فرار ٿي ويا، جن مان 88 کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي فرار ٿيل قيدين جي فهرست الڳ تيار ڪئي وئي آهي.

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جيل واقعي جو سخت نوٽس وٺندي انسپڪٽر جنرل جيل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڊپٽي انسپڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جيل ۽ ملير جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ان واقعي کي "بلڪل ناقابل قبول” قرار ڏيندي چيو ته هي جيل انتظاميا جي سنگين غفلت ۽ نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سيڪريٽري گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ملير جيل ۽ صوبائي سطح تي ٻين جيلن جو جامع سيڪيورٽي آڊٽ ڪرايو وڃي. سينيئر وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ وزيراعليٰ هائوس جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته ملير جيل واقعي جي مڪمل تحقيق ڪرائي ۽ ان ڪم لاءِ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڪراچي پوليس چييف جاويد عالم اوڍو کي شامل ڪيو وڃي. تحقيقات جا شرط ۽ ضابطا واضح هئڻ گهرجن ته جيئن ڏوهارين کي ذميوار قرار ڏئي سگهجي۔ وڏي وزير چيو ته "هي ڪافي آهي، مان اهڙي قسم جي سنگين غفلت برداشت نٿو ڪري سگهان” ۽ چيف سيڪريٽري کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مراد علي شاهه هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي هي هدايتون جاري ڪيون جن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءالحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ گهرو سيڪريٽري محمد اقبال به شامل هئا. اجلاس ۾ بريفنگ موجب علائقي ۾ زلزلي جي جھٽڪن دوران پيدا ٿيل صورتحال سبب 216 قيدين ملير جيل مان فرار ٿي ويا، اڃا تائين 83 قيدي ٻيهر گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي ڀڄي ويلن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي . وڏي وزير ڀڄي ويل قيدين کي اپيل ڪئي ته پاڻ کي پوليس حوالي ڪن، جيڪڏهن اهي پاڻ پيش نه ٿيا ته انهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي ست سال قيد تائين جي سزا ٿي سگهي ٿي.

ڊپ هو ته جيل جي بيرڪ واريون ڇتون ڪري نه پون: اڳوڻو سپرنٽنڊنٽ

ملير: اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات وارو واقعو زلزلي سبب خوف ۽ بيچيني جو نتيجو هو اسان کي ڊپ هو جيل جون بيرڪ واريون ڇتون ڪري نه پون ۽ ڪو جاني نقصان نه ٿئي، هن ٻڌايو ته قيدين جي ڪائونسلنگ به ڪئي وئي گذريل رات 11 بجي زلزلي جو شديد جهٽڪو لڳو جنهن ۾ قيدي خوف ۽ حراس جو شڪار هئا، هن چيو ته سرڪل نمبر 4 جو قيدين تالو ٽوڙيو ۽ ڪجهه قيدين مون تي به پڻ حملو ڪيو ۽ آئون ڪري پيس ۽ مون کي اسٽاف قيدين واري هجوم مان ڪڍيو ۽ ٿوري دير ۾ ڀاڄ پئجي وئي بعد ۾ قيدين مين گيٽ ٽوڙيو ۽ ڪجهه قيدي اسٽاف ڪالوني طرف ڀڳا، هن چيو ته ڪل 6 هزار قيدي نڪتا، هن چيو ته 6 هزار قيدين مان ساڍي 3 کان 4 هزار قيدي ڀڳا.

قيدي پاڻمرادو سرينڊر ڪندا ته نرمي ڪنداسين: آءِ جي

ڪراچي)م ڊ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي پاڻمرادو سرينڊر ڪن تهانهن سان نرمي ڪئي ويندي، جيڪي قيدي ٻيهر گرفتار ٿيندا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اي آر واءِ نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملير جيل مان مجموعي طور 213 قيدي فرار ٿيا هئا، جن مان 78 کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تقريباً 138 قيدي اڃا تائين روپوش آهن، هن چيو ته قيدي ديوار ٽوڙي نه پر جيل جي گيٽ مان فرار ٿيا، زلزلي کان پوءِ قيدين کي هڪ احاطي ۾ ويهاريو ويو هو ته جيئن انهن تي ڇت نه ڪري پوي، ملير جيل ۾ اڪثر قيدي منشيات جا عادي آهن ۽ منشيات جي عادي ماڻهن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي، مفرور قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙي رهيا آهيون.

ملير جيل واقعو”سسٽم“اندر جهيڙي جو نتيجو؟

اسلام آباد (قربان بلوچ) ڪراچي جي ملير جيل مان 200 کان وڌيڪ قيدين جي فرار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي جيل انتظاميا جي غفلت ظاهر ٿي. رڳو 20 کان 25 هٿياربندن جيل جو مين گيٽ ٽوڙي قيدين کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو، پر ڪا به اثرائتي مزاحمت نه ڪئي وئي. آءِ جي جيلز، ڊي آءِ جي جيلز ڪراچي، جيل سپرنٽينڊنٽ ملير ۽ 26 ملازمن کي معطل ڪيو ويو. آءِ جي جيلز نذير قاضي، رڳو ٻه مهينا اڳ مقرر ٿيو هو، ۽ ڊي آءِ جي جيلز حسن سهتو جي وچ ۾ اڳ ئي تڪرار هلندڙ هو، جن جون آڊيوز به منظر عام تي آيون. سسٽم جي اندروني رساڪشي سبب سسٽم سان نه هلي سگهندڙ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڊي آءِ جي بابت چيو وڃي ٿو ته هو طاقتور ۽ منظور نظر آهي. سمورو ملبو ان تي ئي ڪيرايو ويندو جيڪو سسٽم سان هلي نٿو سگهي. ڊي آءِ جي جيلز ڪراچي حسن سهتو جي ذميواري رڳو ڪراچي جي ٻن جيلن جي نگراني ڪرڻي آهي جنهن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۽ ملير جيل ڪراچي آهي، جيڪڏهن آءِ جي معطل ٿئي ٿو ته ڇا ڊي آءِ جي جيلز رڳو معطل ٿيڻ گهرجي يا سندس سزا وڌيڪ سخت ٿيڻ گهرجي؟ اطلاعن موجب قاضي نذير آءِ جي جيل بڻيو ته کيس چيو ويو ته اوهان کي پگهار جو اڌ حصو ملندو، ٻيا خرچ اوهان کي ٻاهران پورا ڪرڻا پوندا، اطلاعن موجب قاضي چيو ته اها منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ائين آهي ته منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪريو، سسٽم سان هلڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.

فرار هڪ قيدي کي سندس ماءُ پاڻ واپس وٺي آئي!

ڪراچي(م ڊ) ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ هڪ قيدي کي سندس ماءُ پاڻ ئي جيل واپس وٺي آئي، جڏهن هڪ قيدي جيل مان فرار ٿي گهر پهتو ته سندس ماءُ نه صرف کيس سمجهايو، پر فورن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جيل جي ٻاهران قيدي جي ماءُ کيس پوليس حوالي ڪيو ۽ پوءِ پوليس اهلڪارن کان پنهنجي پٽ جي غلطين جي معافي گهرندي رهي، قيدي جي ماءُ پوليس اهلڪارن آڏو هٿ ٻڌي التجا ڪندي رهي ته منهنجي پٽ کان غلطي ٿي آهي، مان پاڻ کيس اوهان وٽ وٺي آئي آهيان، مهرباني ڪري کيس ڪجهه نه چوندا، هن چيو ته مان بيواهه آھيان ۽ هي منهنجو سڀ کان وڏو پٽ آھي، ان کي موبائل ۾ دوست سان تصوير جي بنياد تي سزا ملي، مان تمام پري کان پاڻ پنڌ اچي کيس پوليس حوالي ڪرڻ آئي آھيان.

ملير جيل ٻاهران قيدين جي وارثن جو احتجاج، هاءِ وي بند

ڪراچي: ملير جيل ٻاهران قيدين جي وارثن جي وڏي انگ ۾ موجودگي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جن جيل جي سامهون نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو .رپورٽ جيل جي ٻاهران موجود قيدين جي وارثن جو چوڻ آهي ته کين جيل ۾ بند پنهنجن پيارن سان ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جيل جي ٻاهران ميڊيا جي نمائندن جو به وڏي انگ  موجود رهيو. جيل جي داخلي دروازي تي شيشي جا ٽڪرا پيل آهن،

رات جو ڏيڍ وڳي مک دروازو ٽٽو، فائرنگ ۾ هڪ فوت 

ڪراچي(رپورٽر) سپرنٽنڊنٽ ملير جيل قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي. سپرنٽنڊنٽ جيل جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هزارين قيدي زلزلي جي ڊپ سبب ڀڃ ڊاهه ڪندا نڪري آيا ۽ رات جو اٽڪل ڏيڍ وڳي قيدين مُک دروازو ٽوڙي ڇڏيو، ان دوران 216 قيدي فرار ٿيا جن مان 78 کي پڪڙيو ويو آهي جڏهن ته 138 قيدين جي ڳولا جاري آهي. رپورٽ موجب، قيدين جيل اسپتال، انٽرويو بوٿ، اي ڪورٽ ۽ مختلف شعبن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فائرنگ جي واقعن ۾ 12 قيدي ۽ مختلف  ميمبر زخمي ٿيا، جڏهن ته فائرنگ دوران طاهر خان نالي قيدي مارجي ويو. ملير جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات زلزلي سبب قيدين ۾ بيچيني هئي، قيدي ڊنل هئا ته متان ڇت ڪِري پوي، رات جو 11 وڳي کان پوءِ زلزلي جو شديد لوڏو آيو، بيرڪ ۾ موجود قيدي خوف ۽ هراس جو شڪار ٿي ويا، افراتفري ۾ 150 ماڻهن دروازي تي زور لائي تالو ٽوڙي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته هو جڏهن رات جو اتي پهتو ته قيدين مٿس حملو ڪري ڏنو، قيدي هجوم جي صورت ۾ ڀڳا ته واچ ٽاور تان فائرنگ ڪئي وئي، ايف سي جي جوانن فائرنگ ڪئي ته ڪيترائي قيدي واپس آيا، ڪجهه قيدي ڪالوني طرف ڀڳا، ان طرف به فائرنگ ڪئي وئي، ڀڃ ڊاهه ڪندڙ قيدين جو انگ ساڍا ٽي هزار کان چار هزار هو.

ملير جيل واقعي تي صوبائي وزيرن ۾ ڪو اختلاف ناهي: ضيا لنجار

ملير : سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار زلزلي دوران ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي واقعي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ملير جيل جي ڀت نه ٽٽي، قيدي گيٽ ذريعي ٻاهر آيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته شروعاتي رپورٽون هيون ته جيل جي ڀت ٽٽي وئي هئي. آخري رپورٽ اچڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. سنڌ جي گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته فرار ٿيل قيدي سنگين ڏوهن ۾ ملوث نه هئا. ملير جيل ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ لاپرواهي ٿي سگهي ٿي. واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءُ لنجار چيو ته جيل مان قيدي فرار ٿيڻ واري واقعي بابت سنڌ حڪومت جي وزيرن ۾ ڪو اختلاف ناهي.

علي حسن زرداري ملير جيل ٽٽڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر) ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ بابت خبرن تي جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺندي آءِ جيجيل ۽ ڊي آءِ جيل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، علي حسن زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو قيدي فرار ٿيو آهي ته ان کي هر حال ۾ گرفتار ڪيو وڃي ۽ واقعي جي جاچ ڪري غفلت جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪئي وڃي، پوليس موجب، ڪراچي ۾ زلزلي سبب ملير جيل جي بيرڪن جي ديوارن ۾ ڏارون پئجي ويون، جنهن جو فائدو وٺي قيدي جيل جي ديوار ٽوڙي فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل قيدين جو صحيح انگ اڃا طئي نه ٿي سگهيو آهي، پر ابتدائي طور تي 20 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

بدنام ڏوهارين کي جيلن مان فرار ڪرايو پيو وڃي:رياض چانڊيو

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو پارٽي جي علي سطحي اجلاس  کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ جا وسيلا هميشه  لٽبا رهيا آھن سنڌين کان درياه کسيو ويو آھي هن چيو ته  سنڌ ڀڙڀانگ ٿيڻ وارو فارمولو پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ مڙھيو ويو آھي،ملير جيل ڀڃي قيدن جي فرار ٿيڻ واقعي ۾ گهرو وزير ضياءُ لنجار ۽ جيلن واري وزير علي حسن زرداري کي فوري طور گرفتار ڪيو ۽ هاءَ ڪورٽ جي ججن جي نگراني ۾ انڪوائري ڪرائي وڃي ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو ،سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار هجڻ ڪري ڏوهاري طاقتور آھن هن چيو ته هاڻي ته وري بدنام ڏوهارين کي پلاننگ تحت سرڪاري سرپرستي ۾ جيلن مان فرار ڪرائي سنڌ جو امن امان وڌيڪ خراب ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.