عمران خان پارٽي جو پيٽرن ان چيِف بڻجي ويو، فيصلا پاڻ ڪندو

راولپنڊي (م ڊ) اڊياله جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته توشا خانا ٽو ڪيس دوران عمران خان سان ملاقات ٿي، جتي هن ٻڌايو ته هاڻ اسلام آباد تائين محدود نه، پر سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو، جنهن جي قيادت پاڻ ڪندو. احتجاج بابت سموريون هدايتون عمر ايوب کي ڏنيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جو پيٽرن انچيِف بڻجي ويو آهي ۽ سڀ فيصلا اڳ جيان پاڻ ڪندو. بئريسٽر گوهر چيو ته هو اڃا به چيئرمين آهي ۽ کيس هٽائڻ جون خبرون صرف افواهون آهن. احتجاج جي ذميواري اڳ علي امين گنڊا پور وٽ هوندي هئي، هاڻ مختلف ماڻهن کي الڳ ذميواريون ملنديون. عمران خان قيادت تي ڪو به عدم اعتماد ظاهر ناهي ڪيو.

  1. ڪراچي ۾ بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ عورت اڳواڻن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اڳوڻي خاتون اول ۽ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي پي ٽي آءِ وومين ونگ سنڌ جي صدر سرينه خان، سنڌ جي سيڪريٽري ويلفيئر عائشه رشيد، ايڊيشنل سيڪريٽري انفارميشن سيم خان، ڪراچي جي ترجمان فوزيه صديقي ۽ وومين ونگ ڪراچي ڊويزن جي صدر فضا ذيشان ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جون سئينڪڙين عورت ڪارڪنون احتجاج ۾ شريڪ ٿيون، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، جن تي بشريٰ بي بي سميت ٻين عورت اڳواڻن جي فوري آزاديءَ جا مطالبا لکيل هئا. شرڪت ڪندڙن حڪومت خلاف نعرابازي ڪندي ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿاريو، احتجاج کي خطاب ڪندي سرينه خان چيو ته بشريٰ بي بي کي رڳو ان ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهي ته جيئن عمران خان تي دٻاءُ وڌو وڃي، پر اها ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. هن الزام لڳايو ته بشريٰ بي بي سان جيل اندر غيرانساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، سرينه خان چيو ته عمران خان عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جنهن کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش عوام ووٽ ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.