ڪراچي (رپورٽر) ڊفينس اتحاد ڪمرشل ۾ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ مرڪزي جوابدار سلمان فاروقي ۽ سندس ساٿي اويس هاشمي کي جڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سلمان فاروقي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گذري ٿاڻي جي پوليس عدالت کان جوابدارن جي 15 ڏينهن واري رمانڊ جي درخواست ڪئي، پر عدالت دليلن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فقط ٻن ڏينهن جي رمانڊ منظور ڪيو. پوليس موجب سلمان فاروقي نوجوان کي گاڏي ۾ زوري ويهاري، سندس ڀيڻ جي سامهون وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. ڀيڻ جوابدار جي پيرن ۾ ڪري منٿون ڪيون، پر سلمان فاروقي تشدد بند نه ڪيو. عدالت مان واپسي دوران ڪجهه وڪيلن ۽ ماڻهن جوابدارن کي گهيري ماريو ماريو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي هڪ وڪيل سلمان فاروقي کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن کانپوءِ پوليس جوابدارن کي عدالت مان ٻاهر ڪڍي گاڏي ۾ ويهاري روانو ڪيو. جوابدار طرفان عدالت ۾ ضمانت جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي، جيڪا عملدارن اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، اعتراض ڪيو ويو ته لاڳو ڪيل قلمن تحت رمانڊ جو اختيار سيشن ڪورٽ وٽ آهي. پوليس وڌيڪ هڪ جوابدار کي وڊيو فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد گرفتار ٿيل جوابدارن جو انگ چار ٿي ويو.