گاڏي سوار بي رحمي سان مارڻ شروع ڪيو: متاثر ڌيرج

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ تشدد جو شڪار بڻيل رنڇوڙ لائن جي رهواسي ڌيرج جو پهريون بيان سامهون اچي ويو. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجين ٻن ڀينرن کي آفيس مان وٺڻ لاءِ خيابان اتحاد ويو هو ته اوچتو هڪ گاڏي ٽڪر هنيو. سڌير موجب گاڏي ۾ ويٺل شخص کيس بي رحمي سان مارڻ شروع ڪيو، هو معافي وٺندو رهيو، پر انهن هٿ نه روڪيو. پوءِ هڪ هٿياربند شخص زبردستي کيس گاڏي ۾ ويهاري، جتي کيس وڌيڪ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سندس ڀينرون رڳو معافي گهرنديون رهيون. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڏکڻ متاثر خاندان سان ملاقات ڪري سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.