ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو خوفناڪ واقعو!؟

اڱاري جي رات ملير جيل مان 200 کان مٿي قيدين جو فرار ٿيڻ وارو واقعو جيئن ته انتهائي غير معمولي آهي تنهن ڪري ان واقعي جي نه رڳو غير جانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي پر اها عوام جي آڏو به پيش ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيلن مان جيڪڏهن  ڏوهاري قسم جا قيدي ايئن ئي فرار ٿيندا رهيا ته اسان جو  ملڪ جيڪو هونئن ئي ڏوهن، دهشت گردي ۽ ڦرن جو ڳڙهه بڻيل آهي ۽ جتي ڌاڙيلن جو آزار آهي سو مڪمل طور تي ڏوهارين، دهشت گردن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ٿي ويندو تنهن ڪري هي بيحد حساس معاملو آهي جنهن کي ڪنهن ريت به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن واقعي بابت ابتدائي طور تي مختلف رپورٽون ٻڌايون پيون وڃن. پهرين رپورٽ آهي ته ملير ۾ زلزلي جي اطلاع تي ڪجهه قيدي بيرڪن مان ٻاهر نڪري آيا، جن کي روڪڻ تان پوليس ۽ قيدين ۾ جهيڙو ٿيو. ٻيو سبب قيدين جو جيل ۾ گهڻو انگ هجڻ ۽ جيل سيڪيورٽي جي گهٽتائي به قرار ڏنو پيو وڃي. مبينا طور قيدين پوليس کي اهلڪارن کان هٿيار کسي ورتا، انهن ماڙي جو در به ٽوڙي ڇڏيو، ڀڃ ڊاهه ڪئي، تشدد ٿيو ۽ ان وچ ۾ سوَنَ جي تعداد ۾ قيدي مکيه دروازي کان فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس جيل جي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو، رينجرز طلب ڪئي وئي. بعد ۾ پوليس ٻڌايو ته فرار ٿيل قيدين جو تعداد ٻه سئو کان مٿي هو. جن مان رات ئي 50 کن قيدي واپس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيا ويا. پوليس ۽  قيدين جي جهيڙي ۾ هڪ قيدي جي مارجڻ،  ڪيترن قيدين ۽ اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع هيا. ڊي آءِ  جي محمد حسين سهتو ميڊيا کي ٻڌايو ته قيدين زلزلي کانپوءِ بيرڪن مان نڪري هنگامو ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسي وڙهي، پوءِ فرار ٿيا.

هن واقعي جو حڪومت فوري نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪجهه ذميوار پوليس عملدارن کي معطل به ڪيو آهي. جيلن واري وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺندي آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واقعي کي جاچ ڪري غفلت ڪندڙ آفيسرن جو تعين ڪيو وڃي. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار رات ئي جيل پهچي واردات بابت ابتدائي معلومات حاصل ڪئي.

اسان وٽ عام طور تي ڪنهن به وڏي واقعي جي جاچ جو ته چيو ويندو آهي پر نه ان جي حقيقي رپورٽ عوام جي آڏو پيش ڪئي ويندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن وڏي واقعي تي واسطيدار وزير يا وڏن عهدن وارا پنهنجي ناڪامي  تسليم ڪندي استعيفيٰ ڏيندا آهن. اها روايت ٻاهرين ملڪن ۾ ته ڏٺي وئي آهي پر پاڻ وٽ اهڙو ڪو مثال نه ٿو سُجهي. اسان جي دلچسپي ڪنهن جي استعيفيٰ  ۾ ناهي پر جاچ جي روشني ۾ ڪوتاهين جو جائزو وٺي انهن غلطين يا غفلتن جي روڪٿام آهي ته جيئن اڳتي وري ان قسم جا واقعا نه ٿي سگهن.

هن واقعي کي ڏسندي پاڻ کي ايم آر ڊي جي دور ۾ سکر جيل جي ٽٽڻ جو واقعو ياد اچي رهيو آهي. تڏهن به ڪيترائي خوفناڪ ڌاڙِيل ۽ ڏوهاري جن ۾ پرو چانڊيو به شامل هو جيڪي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. عام خيال اهو آهي ته سکر جيل هٿ سان ٽوڙايو ويو هو ته جيئن ڌاڙيلن کي سنڌ ۾ بدامني ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪجي. اهو بدنام ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جو دور هو جنهن 5 جولاءِ 1977 تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، کيس ٻن سالن کان پوءِ  4 اپريل 1979 ي ڦاهي ڏئي پوءِ 11 سال زوريءَ اقتدار تي ويهي رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ واري تحريڪ ان ضياءَ الحق جي مارشل لا جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ هئي. ان کي سنڌي عوام ۽ پ پ پاران ذوالفقار ڀٽو جو ضياءَ الحق کان پلاند ڪرڻ جي تحريڪ طور ڄاتو ۽ سمجهيو ويو هو ۽ ضياءَ الحق وري ايم آر ڊي تحريڪ جي سنڌي عوام کي سزا ڏيارڻ لاءِ شهرن ۾ دهشت گرد پيدا ڪيا ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪيو ته جيئن سنڌي عوام جو ڌيان مارشل لا جي خاتمي بجاءِ  پنهنجي جان، مال ۽ عزت ڏانهن وڃي. سو اهو ضياءَ الحق ئي هو جنهن پنهنجي مارشل لا جي تحفظ لاءِ دهشت گرد ۽ ڌاڙيلن کي ميدان تي لاٿو. سو هن ملڪ کي اهي دهشت گرد ۽ ڌاڙيل اصل ۾ ضياءَ جا ڏنل تحفا آهن ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ  جدو جهد ڪرڻ جي عوام کي سزا آهي جيڪا ملڪي عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي.

سو ملير جيل جو ٽٽڻ وارو واقعو به اتفاق سان اهڙي موقعي تي ٿيو آهي جڏهن تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ اندر تمام وڏي تحريڪ هلي رهي آهي. اميد ته هي واقعو سکر جيل ٽٽڻ واري مقصد جهڙو نه هوندو پر هن واقعي جي جاچ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن هن واقعي جي حقيقت معلوم ٿئي ۽ پوءِ ان روشني ۾ اڳتي لاءِ وڌيڪ سٺي انتظامي پاليسي ممڪن ٺاهي سگهجي.سنڌ حڪومت واقعي جي جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي. بقول شرجيل انعام ميمڻ جي ته ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي واقعي جي جاچ ڪري ان جي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي، ڏسون ته سندن رپورٽ ڇا ٿي ٻڌائي.

اسان وٽ هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته حڪومتي وزير جن جو جيڪو ڪم ۽ بنيادي فرض هوندو آهي سي ان ڪم ۽ فرض بجاءِ ٻين غير ضروري معاملن تي ڌيان اصل ڊيوٽي تان هٽجي ويندو آهي. ڇا ملير جيل جي ٽٽڻ جو واقعو به ڪنهن اهڙي غير ذميواري ۽ غفلت جو نتيجو آهي يا ان جو ڪو ٻيو ڊراپ سين ٿيڻو آهي، سو به جلد وقت ٻڌائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.