ترقياتي منصوبن لاءِ رڳو هڪ هزار ارب مختص

اسلام آباد(م ڊ) منصوبه بندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 4.2 سيڪڙو هجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان معاهدي ۽ قرضن جي ادائيگين کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ هزار ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اسلام آباد ۾ پلاننگ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 644 ارب رپيا انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ توانائي، پاڻي، ٽرانسپورٽ، ۽ فزيڪل اينڊ پلاننگ هائوسنگ جا شعبا شامل آهن، هن چيو ته ان مختص رقم مان وڏي رقم پاور (بجلي)، پاڻي ۽ هاءِ ويز سيڪٽرز لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، جيئن ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي مستحڪم بڻائي سگهجي، هن چيو ته سماجي شعبي (سوشل سيڪٽر) لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خاص علائقن، آزاد جمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 63 ارب رپيا رکيا ويا آهن، فاٽا سان ضم ٿيل ضلعن جي ترقي لاءِ 70 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن، سائنس ۽ آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 53 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گورننس ۽ مختلف سڌارن (ري فارمز) لاءِ 9 ارب رپيا، ۽ پيداوار وارن شعبن (پروڊڪشن سيڪٽرز) لاءِ 11 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ته جيئن معيشت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائي سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصوليءَ ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪو هڪ مثبت اشارو آهي، پر ان جي باوجود ملڪ جو ترقياتي بجيٽ گهٽجي رهي آهي، جيڪو اسان جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي.احسن اقبال چيو ته، جيئن اسان کي ملڪ لاءِ مضبوط دفاع جي ضرورت آهي، تيئن ئي مضبوط معيشت به لازمي آهي، ڇو ته دفاع صرف تڏهن قائم رهي سگهي ٿو جڏهن معيشت پائيدار ۽ مستحڪم هجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.