رحيم يار خان (م ڊ) رحيم يار خان ۾ عيد جا ڪپڙا وٺڻ جي فرمائش تي والد پنهنجي ٽن ٻارن کي زهر ڏئي پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس جي مطابق هي افسوسناڪ واقعو رڪن پُور جي علائقي سردار ڳوٺ، بستي حاجي پير ۾ پيش آيو، جتي هڪ مزدور پنهنجي ٻن معذور پٽن ۽ ڌيءَ سميت زهريليون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن سبب ٻن پٽن ۽ والد فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڌيءَ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر شخص ٽريڪٽر ٽرالي هلائي روزگار ڪندو هو، پر ڪجهه ڏينهن کان ڪم نه ملڻ سبب سخت پريشان هو.
-
جماعت اسلامي پاران ڪي اليڪٽرڪ خلاف 11 هنڌن تي مظاهرا
ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان جي هدايت تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف لياري لياقت آباد ،اورنگي ٽائون،لانڍي سميت 11 هنڌن تي احتجاجيمظاهرا ڪيا ويا مظاهرين کي خطاب ڪندي منعم ظفر خان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين کي اجتماعي سزا ڏئي رهي آهي، جتي روزانو 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان صورتحال نه صرف عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، پر ڪاروبار، تعليم ۽ صحت جو نظام به تباهه ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون به برابر جون شريڪ آهن. جماعت اسلامي هر فورم تي آواز اٿاريندي رهندي.ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس فوري طور رد ڪيو وڃي،ڪراچي کي سڌو نئشنل گرڊ مان بجلي فراهم ڪئي وڃي