ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اڳوڻي صوبائي وزير شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي پنجين ورسي تقريب گڏاپ جي فقير محمد ڳوٺ ۾ ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن محمد ساجد جوکيو، راجا رزاق بلوچ، صوبائي وزير شاهينه شير علي بلوچ، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پيپلز يوٿ سنڌ جي صدر جاويد ناياب لغاري، ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ابراهيم حيدري چيئرمين نظير احمد ڀٽو، ميونسپل ايڊمنسٽريشن ملير جان محمد بلوچ سميت پيپلزپارٽي جي بلدياتي نمائندن کانسواءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، ورسي تقريب ۾ قرآن خواني بعد وڏو وزير دعا ۾ پڻ شريڪ ٿيو، ان موقعي تي شهيد مرتضيٰ بلوچ جي پٽ يوسف مرتضيٰ بلوچ ڳالهائيندي چيو ته مان ملير سميت سنڌ جي ماروئڙن جو ٿورائتو آهيان جيڪي پري پري کان ڪهي شهيد بابا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ملير جي ڏورانهين علائقي ۾ گڏ ٿي شهيد بابا کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، شهيد مرتضيٰ بلوچ گراس روٽ کان محنت ڪري مٿي آيو ۽ پنهنجو مقام حاصل ڪيو، عوامي خدمتن جي ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کيس تمام گهڻو ڀائيندا ۽ مان ڏيندا هئا، ٽائون ناظم جي ٻن دورن ۾ شهيد مرتضيٰ بلوچ بنا ڪنهن فرق جي گڏاپ جي علائقن ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ پري پري جي ڳوٺن تائين پاڻي پڻ پهچائڻ سان گڏ سوين بيروزگارن کي روزگار پڻ ڏنو، جڏهن ته صوبائي وزير جي حيثيت ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڪٽو وزير نظر آيو، سڄي سنڌ جا دورا ڪري ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو سندس چوڻ هوندو هو ته اسين جيڪو ڪجهه آهيون، مسڪين ماروئڙن جي ڪري آهيون ۽ کين سندن حق ملڻ گهرجي، ان کان اڳ شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جي وڏي ڀاءَ انور بلوچ آيل سمورن مهمانن جو پڻ شڪريو ادا ڪندي چيو ته آئون سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل سمورن سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ ليکڪن سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جو ٿورائتو آهيان جن اسان جي تڏي تي اچي اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿيا، ان موقعي تي لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو، ورسي پروگرام ۾ علي احمد جوکيو، عوامي آواز سٿ جي عامر خٽڪ، منظور مارفاڻي، ايوب خاصخيلي، مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي چيئرمين علي زمان جوکيو، حاجي محمد گبول، غني بلوچ، رياض بلوچ، داد ڪريم ڪلمتي، عبدالغني ڪلمتي، پ پ جي اڳوڻي انفارميشن سيڪريٽري ملير مير عباس ٽالپر، ملير جي سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ ليکڪن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، ورسي پروگرام ۾ ايندڙ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هيليڪاپٽر ذريعي فقير محمد ڳوٺ لڳ ٺهيل هيلي پيڊ ذريعي پروگرام ۾ پڻ پهتو، پروگرام جي آخر ۾ عالم دين عبيدالله جان نعيمي دعا خير ڪرائي ۽ مرحوم جي بلند درجات لاءِ اجتماعي دعا ڪرائي.