راولپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ ڪڏهن به الڳ نه ٿو ٿي سگهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان نه ڪو نظريو آهي، نه ڪو مقصد ــ اهو سڀ ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ ڪارروائيون آهن، خطي ۾ عدم استحڪام جو ذميوار ڀارت آهي، پاڪ فوج جي ترجمان هي ڳالهيون آءِ ايس پي آر جي هلال ٽالڪس 2025 پروگرام دوران استادن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيون، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته جيڪا گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته بلوچستان الڳ ٿي سگهي ٿو، اهو مڪمل طور تي بي بنياد آهي. بلوچستان، پاڪستان جي معيشت، معاشرت ۽ ثقافت ۾ مڪمل طور تي ڳنڍيل آهي. بلوچ، سنڌي، پختون، پنجابي، ڪشميري، بلتي ــ اسين سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر ڀينر آهيون، ۽ ڪنهن کي به اسان کي الڳ ڪرڻ جو حق ناهي، هن وڌيڪ چيو ته سڄي خطي ۾ عدم استحڪام جو ذميوار صرف ڀارت آهي، جيڪو پاڪستان اندر ڏڦيڙ، دهشتگردي ۽ انتشار کي هوا ڏئي رهيو آهي، خاص طور تي بلوچستان ۾، بلوچستان جي عوام ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فطري ۽ اٽٽٽ لاڳاپو آهي، جنهن کي ڪو به دشمن ٽوڙي نٿو سگهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪا به دهشتگردي آهي، ان کي اسان ”فنته الهندستان“جو نالو ڏنو آهي، ڇو ته ان جي پٺيان مڪمل طور تي ڀارت آهي.ڀارت انهن دهشتگردن کي نه صرف پئسا ڏئي ٿو، پر انهن جي اڳواڻن جو علاج به ڀارت ۾ ڪرائي ٿو، انهن جا پاسپورٽ ٺهرائي ٿو، ٽريننگ ڏي ٿو ۽ انهن لاءِ افغانستان کي آپريشنل بيس طور استعمال ڪري ٿو، پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته، اهي دهشتگرد درحقيقت بلوچستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي دشمن آهن. ڇو ته اهي عوام جي وچ ۾ لڪل رهي ڪم ڪن ٿا، ان لاءِ اسان کي بلوچستان جي عام ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، انهن دهشتگردن کي خبر آهي ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ ترقي ٿي وئي ته پوءِ هتي جي ٻارن وٽ تعليم، نوڪري، روزگار، شعور ۽ سڃاڻپ اچي ويندي ۽ اهو ئي ڀارت جي موت برابر هوندو، هن چيو ته توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان انهن دهشتگردن جو اوزار ناهي بڻجڻو. توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته علم حاصل ڪيو، ٽيڪنالاجي سکڻي آهي، بلوچستان وٽ ايتري صلاحيت آهي ته، انشاءَالله، اهو پاڪستان جو سڀ کان امير صوبو بڻجي ويندو, هاڻ وقت آهي ته اسان گڏجي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو رستو اختيار ڪريون ۽ بلوچستان کي مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته صوبو بڻايون، هن ماهه رنگ بلوچ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ”توهان ان ڊاڪٽر صاحبه جو نالو ورتو، انهن ڊاڪٽر صاحبه کان پڇو ته توهان هڪ طرف روئي ٿي ته مان اسڪالرشپ تي پڙهي آهيان، پر توهان کي ناروي جو ٽڪيٽ ۽ پئسا ڪير ڏئي رهيو آهي؟ جلسن جو خرچ ڪير ٿو ڀري؟ ۽ اهي يهود، هندو توهان جي ايتري حمايت ڇو ڪن ٿا؟، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ فوج جي وچ ۾ ڪو به فاصلو ناهي، هي عوام جي فوج آهي، فوج عوام سان آهي ۽ عوام فوج سان آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ ڪو فرق نٿو ٿي سگهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جي فوج دنيا جي اڪيلي اهڙي فوج آهي جيڪا پنهنجي عوام لاءِ ڪورونا ۽ پوليو جي قطرا پلائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي، دهشتگردن خلاف جنگ لڙي رهي آهي، ۽ ساڳي وقت ڀارت خلاف به مضبوط طور تي مقابلو ڪري رهي آهي۔