دولتپور صفن ( ن ع آ )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي مرڪزي وفد جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ مورو جي ڳوٺ لغاري بجراڻي پھچي شھيد نوجوان زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ اياز لطيف پليجي جو پيغام پھچايو. وفد ۾ قومي عوامي تحريڪ جو نائب صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت تنيو، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، مزدور تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري امداد پنھور، اعجاز سومرو، مقصود ڀرڳڙي، محمود رخشاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو، حضوربخش ڏاھري، ھادي بخش ڀرڳڙي ۽ ٻيا شامل ھئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو ته شھيد عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا. واقعي جي عدالتي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت درياھ ۽ زمينن تي ڌاڙي خلاف ڪروڙين ماڻھن جي پرامن جدوجھد کانپوءِ بوکلائجي وئي آھي. حڪمرانن سنڌ ۾ ظلم، بربريت ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪري ڇڏيو آھي. قانون ۽ آئين کان مٿانهون ڪوبه ناھي. حڪومت ۽ ادارا آئين ۽ قانون تي ھلن ھا ته ھھڙا واقعا نه ٿين ھا. مظھر راھوجي چيو ته سنڌو درياھ 7 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. چولستان سميت 6 ڪئنال ڪروڙين ماڻھن، وڻن، پکين ۽ جانورن جي قتل جو منصوبو آھي. گرين پاڪستان سنڌ کي سڪائڻ ۽ بنجر ڪرڻ جي سازش آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جو سودو بند ڪيو وڃي. محمود رخشاڻي چيو ته بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ پ پ حڪومت ڪروڙين سنڌين کي دھشتگرد بنائڻ چاھي ٿي، نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌ حڪومت آمريت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. امداد پنھور چيو ته جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان دوکو ڪيو ويو آھي. روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو ھڻي سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي. نوجوانن جو قتل بربريت آھي. درياھ ۽ پنھنجي زمينن لاءِ ڪڏھن بي خاموش نه ويهنداسين.