بيجنگ/نئين دهلي(م ڊ) چين جي سينيئر تجزئي نگار وڪٽر گاؤ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته چين ان عمل کي پنهنجي اتحادي پاڪستان جي سالميت تي حملو تصور ڪندو.هڪ ڀارتي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي وڪٽر گاؤ چيو ته چين درياهن جي بالائي حصي تي موجود آهي، ۽ جيڪڏهن ڀارت وچئين حصي تي ويهي هيٺاهن ملڪن جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته چين خاموش نه رهندو.وڪٽر گاؤ ڀارت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان وچ ۾ آهيو، سوچيو ته جيڪڏهن هيٺ وارن سان زيادتي ڪندؤ ته مٿان وارو ڇا ڪندو؟ هن وڌيڪ چيو ته ٻين سان اهو سلوڪ نه ڪيو، جيڪو پاڻ لاءِ نه ٿا چاهيو.چيني تجزيه نگار خبردار ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي عالمي قانونن جي لتاڙ هوندي، ۽ چين واضح طور تي پاڪستان جي سالميت، خودمختياري ۽ قدرتي حقن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.